Pages

Sunday, March 27, 2011

عورت جي محنت کي سلام

اڄ هڪ اهڙي پيءُ سان ملاقات ٿئي جيڪو پنهنجي ٻن ڌيئرن کي ڪمپني ۾ ڪم ڪرائڻ جي لاءِ روز اسٽاپ تي ڇڏي ايندو ۽ روز اسٽاو تان وٺي ايندو هيو.

مان ان ئي سوچ ۾ هيم ته آخر ان جهوني پيءُ سان ڪيئن ملاقات ڪريان،

۽ ڪيئن ان کان احوال وٺان....اڄ ساڳيء ريت هو پنهنجي ڌيئرن کي اسٽاپ تان وٺڻ آيو هيو پر ڪمپني جي گاڏيءَ دير ڪئي هُئي ۽ هي جهونو مڙس پريشان اُداس اسٽاپ تي بيٺو هيو.

مان به اڄ هڪ دوست سان ملڻ جي لاءِ گهران نڪتس ۽ مونکي به ان اسٽاپ تان ئي گاڏي ملڻي هُئي.

منهنجي نظر ان ڪُراڙي تي پئي...دل ۾ خيال آيو ۽ نظرون گهڙيءَ طرح ڏسڻ لڳيون مان سوچيس ته ڪُراڙو ته ڇوڪرين کي هن وقت کان اڳ ۾ ئي گهر وٺي ويندو آهي..اڄ هيئر تائين ڪُراڙو اسٽاپ تي ڪيئن.؟

مان آخر دل ٻڌي ان ڪراڙي جي قريب ويس ۽ ڪُراڙي کان پڇس نهايت ئي ادب سان جهوني سان مخاطب ٿيس دل ۾ ڊپ به هڪ عجيب محسوس ڪيم.

نوٽ چاچو اردو ڳالهائيدڙ هيو..مان تفصيلي احوال سنڌي ۾ ٿو لکان.

عاشق؛ توهان هيئر اسٽاپ تي ايڏا پريشان ڇو بيٺا اهيون.
چاچو؛ منهنجي ڌيئرن اڄ الائي ڇو دير ڪئي آهي.
عاشق؛ اوهان جو ڌيئرون ڪهڙي ڪمپني ۾ ڪم ڪنديون آهن..؟

چاچو؛ ڪينڊي لينڊ ۾.
عاشق؛ هڪ ڳالھ پڇان ناراض ته نه ٿيندا.؟

چاچو؛ پُڇو.؟

عاشق؛ اوهان پنهنجي نياڻين کي ڇو ٿا ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪرايو..ڪهڙي سبب جي ڪري..؟

چاچو؛ مونکي ڪو شوق نه آهي پنهنجي ڌيئرن کي ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪرائڻ جو...پر مجبوري آهي...منهنجون نياڻيون ڪمائي هڪ پوڙهو پيءُ ۽ هڪ پوڙهي ماءُ ۽ ٻن ننڍن ڀائرن کي پڙهائين ٿيون.

۽ مونکي فخر آهي پنهنجي نياڻين تي.

عاشق؛ اوهانکي فخر ڪهڙي ڳالھ جو آهي پنهنجي ڌيئرن تي.؟

چاچو؛ ڇا هيڏي پهاڙن جيڏي مسئلن سان منهنجو نياڻيون منهن ڏين ٿيون اهو ڪنهن فخر کان گهٽ آهي ڇا.؟

ايتري ۾ ڪمپني جي گاڏي اچي ٿي چاچو پنهنجي ڌيئرن کي گهر طرف وٺي ٿو وڃي....۽ منهنجي ذهن تي هڪ گهري سوچ ڪجھ رهيل سوال رهجي وڃن ٿا....هن سماج ۾ واقعي ۾ عورت اُها بهادر آهي جيڪا هزارين مسئلن سان منهن ڏئي ٻاهر ڪم ڪرڻ جي لاء نڪري ٿي...ڪا عورت پنهنجي ٻاهر جو پيٽ گذر ڪرڻ جي لاء ته ڪا عورت پنهنجي پوڙي پيءُ ماءُ ۽ ننڍن ڀائرن ڀينرن جو پيٽ پالڻ جي لاءِ ته ڪا عورت پنهنجي بد افعال مڙس جي بد فعل جي ڪارڻ پنهنجي ٻارن جو مستقبل سواري جي لاءِ دل وجان سان محنت ڪري ٿي.

0 comments :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔