Pages

Saturday, March 5, 2011

ماڻهو انڌا هوندا آهن

مونکي ياد نه ٿو اچي ته هي ڳالھ مونکي ڪنهن ٻڌائي هُئي....اڪثر منهنجيون ننڍي هوندي کان ڪچهريون...هڪ صوفي ۽ سُگهڙ مڙس...سان ٿيندو هيون...لائق فقير..جنهن جو تعلق اسان جي ڳوٺ سان هُيو ۽ هو ذات جو پڻ سولنگي هُيو اهو مونسان جڏهن به ويهندو هُيو ته....مونکي پُراڻا قصا ۽ پراڻيون بادشاھن جو ڪهاڻيون ٻڌائيندو هُيو.....ان کي وفات ڪئي منهنجي خيال ۾ ته ڇھ سال کن ٿيا آهن...الله سائين انهن کي جنت ۾ جاءِ ڏي........هڪڙي ڀيري انهن مونکي هي قصو ٻڌايو...منهنجي ذهن ۾ هو قصو لکجي ويو

(ڪنهن ملڪ جي بادشاھ پنهنجي وزير کان پنهنجي رئيت جي باري ۾ حال احوال پڇندي...وزير کان هڪ سوال پڇيو....بادشاھ وزير کان پڇيو ته منهنجي بادشاھي يا منهنجي شهر جي ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ ڪيترا سڄا آهن ۽ ڪيترا انڌا آهن..مطلب ڪيترن کي نظر پئي ٿي ۽ ڪيترن کي نظر ڪان ٿي پئي....وزير اچرج ۾ پئجي ويو....ته بادشاھ اڄ عجيب سوال ڪيو آهي...جڏهن ته بادشاھ کي اها به خبر آهي ته...ڀر واري مسجد ۾ هڪ انڌو آهي...۽ هڪ ٻه پينو فقير انڌا آهن..ڪُل ملائي حساب ڪر ته پنج يا ڇھ انڌا ٿيندا....بادشاھ کي اها خبر آهي..وزير به سياڻو هيو...ڪجھ سوچ ويچار کان بعد...ان بادشاھ کان هڪ ڏينهن جي مُهلت ورتي.....۽ پنهنجي گهر ڏانھ روانو ٿي ويو.....سوچ ۽ ويچار کان بعد...وزير گهران هڪ واڻ جي نوڙي جيڪا وٺبي آهي....کئين...۽ پنهنجي وڏي پٽ کي وٺي..شهر جي چوراهي تي اچي ويٺو...۽ پيو ان نوڙي کي ٽوڪڙا ٽوڪڙا ڪري....واٽ ويندڙ هڪ شخص وزير کان پڇيو ته اي وزير ڇا پيو ڪرين....ته وزير پنهنجي پُٽ کي چيو ته لکيس نالو انڌن جي لسٽ ۾....ائين ڪندي وري اُتان ٻيو شخص گذريو..ان به ساڳيو ئي سوال وزير کان پڇيو.....وري وزير پنهنجي پُٽ کي چيو لکيس انڌن جي لسٽ ۾ نالو.......انت تقريبن اڌ شهر جا نالا....هُن پنهنجي بوڪ تي لکيا.....۽ بادشاھ وٽ حاضر ٿيو.....انڌن جي لسٽ کڻي)

چوڻ جو مقصد ته ڇا واقعي ۾ ماڻهو انڌا هوندا آهن جو..ڪوبه ڪم ڪندي ڏسندا آهن ته به پُڇندا آهن ته ڇا پيو ڪرين...؟؟

0 comments :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔