Pages

Friday, April 1, 2011

هڪ ته بيمار ٻيو ته گهر جو ڪم ڪار

هو ويچاري....هڪ ته بيمار ٻيو ته گهر جو ڪم ڪار

هُن جا ٻار جن جو تعداد درزن کان به مٿي آهي..هُن کي ڏاڍو تنگ ڪري رهيا هئا

مٿان ماني تيار ڪرڻ جو وقت به اچي وڃي ٿو...۽ مڙس جو ٻنيءَ تان موٽڻ جو به ٽائيم ٿي وڃي ٿو، مڙس هُن کي روب ۽ دبدبي جي مونڊ ۾ چئي ٿو سڪينه ماني ڏي....ويچاري سڪينه ۾ ته اها به همٿ نه آهي ته پنهنجي ور کي جواب ڏئي سگهي..سڪينه جي وڏي نياڻي پيءُ کي چئي ٿي بابا امان ماني نه پچائي آهي.....تڏهن سڪينه جي مڙس کي ڪاوڙ اچي ٿي...۽ ڪاوڙ ۾ سڪينه تي هڪ زوردار وار ڪوڏر جو ٿو ڪري ۽ سڪينه ويچاري اڳئي....ڪمزور جسم جي عورت جنهن ۾ رت ته موجود بلڪل نه هجڻ جي برابر هئي.....پٽ تي فتڪندي ساھ ڏئي ٿي...هي هڪ حقيقت آهي..سنڌي سڪينه جي..جيڪا پنهنجي ور جي هٿان شهيد ٿئي ٿي...اهڙيون روز ڪيتريون سڪينه روز اسان جي سنڌي پيپر جي مين صفي تي هونديون آهن

0 comments :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔