Pages

Monday, July 9, 2012

سنڌ يوٿ ڊولپمينٽ فورم!


دوستو! جيئن ته اسان پنھنجو پاڻ کي لاوارٽ مذھبي سياسي قومي تنظيمن ۾ ورھايل ڏسي ڏسي سنڌيوٿ ڊولمينٽ فورم ”ڪراچي“ تيار ڪيون سين، دوستن سان ڳالھ ٻولھ ڪئي سين دوست ھا ڪئي ۽ شروعات ڪئي سين فورم شروعات جي مرحلي ۾ آھي، ۽ فورم کي دوستن جي ساٿ جي سخت ضرورت آھي، اسان جو مقصد صرف سنڌيت جي خدمت ڪرڻ آھي، سنڌسلامت سٿ اسان سان گڏ آھي، ڪوبه دوست اگر اسان جو ساٿ ڏيڻ چاھي ته اسان سان راڀطو ڪري ٿو سگھي،
فورم جو مقصد ۽ ڪم

نثار ابڙو

سنڌي نوجوانن، مزدورن يا هنرمندن کي ڪراچيءَ ۾ برسرروزگار ڪرڻ ۽ رهائڻ لاءِ جيڪي دوست ڪراچيءَ ۾ رهنٿا ... اهي گڏجي سڏجي هيٺيان ڪم ڪن؛

1. جيڪي سنڌي دوست ٻين شهرن کان اچن انهن کي ڪجهه ڏينهن رهائش ڏيڻ.... نوڪري لڳڻ کانپوءِ هو پنهنجو بندوبست ڪن ... ۽ جيڪي خرچ ٿئي ته اهو به ادا ڪري سگهن .... انهن کان مليل پئسا وري نون ضرورتمندن تي خرچ ڪجن... جڳهه ڪرايي تي يا ڪنهن دوست جي خالي جڳهه ڪنهن سنڌي علائقي ۾ هجي، جنهن ۾ 8 يا 10 ماڻهون عارضي رهي سگهن. حاصل ڪرڻ.

2. آفيسن ۾ يا ڪارخانن ۾ يا دڪانن تي مزدورن جي گهرج هجي ته اتي سنڌين کي ڀرتي ڪرائن،. وس وارا، سنڌي دڪاندار، سنڌي واپاري يا وري سنڌي ڪارخينيدار يا وري سنڌي نوڪرين وارا ان ڏس ۾ مدد ڪري سگهنٿا ...

3. ڪجهه پئسن جي مدد، سنڌ سميت جيڪي دوست ٻاهر رهنٿا ۽ هو سمجهن ٿا ته 50 ، 100، 500 يا 1000 يا پنهنجي وس آهر ماهوار مدد ڪري سگهن ته اهي پئسا جمع ڪري سنڌي نوجوانن کي نوڪريون لڳرائڻ يا انهن کي رهائڻ يا ممڪن ڪجهه ويلا کاڌي تي خرچ ٿين ته اهي ڪري سگهجن.

4. فيسبڪ، انٽرنيٽ ۽ ٻين ذريعن ذريعي سموري سنڌ ۾ اعلان ڪرايو وڃي، رابطي جا ذريعا ڏنا وڃن ته جيڪي مدد ڪرڻ چاهن سي مدد ڪن ۽ جيڪي مدد وٺڻ چاهن سي پڻ رابطو ڪري مدد وٺي سگهن.

مطلب ته ان ڪم لاءِ پهريان مناسب تعداد سموري ڪراچيءَ ۾ سلڇڻا دوست گڏ ڪريو، جيڪي ڪم ڪري سگهن ۽ مدد وٺي سگهن يا مدد ڪري سگهن. ۽ ان ڪم لاءِ پنهنجيون خدمتون ڏئي سگهن ....

ڪراچي سنڌي روزگار ڪاميٽي جوڙي وڃي ... مول متا ٺاهي ڪم شروع ڪيو وڃي ... پنهنجي پاران جيڪي مدد ٿي سگهي يا جيڪو ڪم اوهان رکيو سو ڪري وينداسون ...

اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ....

سنڌ جي سڀني سڄاڻ ، سلجهيل ۽ هلندي پڄندي وارن دوستن کي عرض آهي ته هو اڳتي وڌن ۽ هن ڪار خئير ۾ هٿ ونڊائن

قوم جو ڀلو ڪرڻ اصل ۾ پنهنجو ڀلو ڪرڻ آهي



دوستن کي ڪھڙو ساٿ ڏيڻو آھي۔۔۔۔۔۔؟؟
. پنهنجو صلاحون ۽ رايا ڏين ته ان ڪم کي ڪيئن نڀائجي.
2. سرندي پڄنديءَ وارا دوست پنهنجون خدمتون آڃن ته هو ڪيئن مدد ڪري سگهندا
3. اهڙا دوست جيڪي ڪراچيءَ ۾ ڪارخانن ، دڪانن ، افيسن يا ٻين انجنيئرنگ جي ڪمن ۾ سنڌ کان آيل دوستن کي ڀرتي ڪرائي سگهن سي پڻ پنهنجي مدد ڪرڻ جي حامي ڀرن
4. ڪراچيءَ ۾ رهندڙ دوست پنهنجن پنهنجن مٽن مائٽن، دوستن احبابن ۽ ٻين ضرورتمندن کي ڪراچيءَ ۾ وٺي اچن ۽ انهن جي مدد ڪري انهن کي دڳ لڳائين روزگاري سان لڳرائن.
5. ڪراچيءَ ۾ لکين ڪم آهن ... دنيا سموريءَ مان ماڻهون اچي روزگار حاصل ڪنٿا ۽ پيٽ پالن ٿا .... اچو ته سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ برسر روزگار ڪري پاڻ ملهايون.

اوهان دوستن جا هر هڪ ذري ذري جي مدد ڪنهن سنڌي دوست کي روزگار سان لڳائي سگهي ته ان کان وڌيڪ نه ڪا خدمت نه ثواب ... 
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>