Pages

Friday, September 14, 2012

Baldia Town Tragedy


منھنجي بدقسمتي آھي يا خوش قسمتي ھر ھڪ پنھنجي سوچ جو مالڪ ڪنھن جي سوچ سان ڪو اختلاف ته رکي ٿو سگھي پر ان جي سوچ ويچار فڪر کي تبديل ڪرڻ ممڪن نه آھي۔
چوندا آھن ته غريب مسڪين مزدور بکايل محتاج جو ڪوبه دين ڌرھم ذات قوم نه ھوندي آھي، بلديه ٽائون فيڪٽري سانحي ۾ مختلف قومن سان واسطو رکندڙ ماڻھون شھيد ۽ زخمي ٿيا آھن ھي سانحو ھڪ وڏو سانحو آھي۔
ھن سانحي ۾ شھيد زخمي ٿيندڙن ۾ مرد عورتون ڇوڪرا ڇوڪريون شامل آھن، شھيد ٿيندڙ جي وارثن ۽ زخمي ٿيلن جي حالت ڏسي ھر ننڍو توڙين وڏو لڙڪ لاڙي ٿو۔
حڪومت ھر سانحي ۾ متاثر ٿيل ۽ شھيدن لاء مختلف اعلان ڪندي آھي، سياسي پارٽيون پڻ متاثر ھنڌ پھچي پنھنجي سياست کي چمڪائڻ لاء اعلان ڪنديون آھن، اھا سٺي ڳالھ آ تمام ڀلي ڳالھ آ، پر سوال ته ڇا انھن جي اعلان تي عمل به ٿيندو آ يا جيئن سولي سنڌي ۾ چوندا آھن ڊاڙ ڪنھن جي پيءُ جي نه آھي؟ خير جيڪڏھن ھن ڳالھ تي ڳالھبو ته ڳالھ وڏي ٿي ويندي۔
مان سمجھان ٿو پڪ اٿم ته ھتان جي رياست ۽ سياست کان سڀ واقف آھن۔
ڏٺو وڃي ته ڪراچي جي ملن ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدور (ليبر) تبقو سنڌين جو ھوندو آھي، اسان جي پارٽين ھن سانحي تي بيان ڏيڻ جي به تڪليف نه ڪئي آھي، يا ڪئي آھي؟
جتي انسان ذات جي ڳالھ اچي اُتي قوم دين ڌرم ذات پات رنگ نسل کي ڏسڻ گھرجي يا نه مان ان ڳالھ کان واقف نه آھيان۔
منھنجي ذاتي مجبوري آ، مان قيد آھيان قوم جي عشق ۾ ۽ اھو قيد مونکي بيحد پسند آھي۔
زنده دل سنڌين کي اپيل ته سانحي واري ھنڌ پھچي سنڌين جي باري ۾‌تفصيل معلوم ڪن فيڪٽري انتظاميه سان ملن ته جيئن خبر پوي ته ھن سانحي ۾ خدا نه ڪري ڪيترا سنڌي متاثر زخمي يا شھيد ٿيا۔۔۔؟
ھڪ ٻئي سان ميسج سيل فون ذريعي رابطو ڪري اسانکي يا پاڻ ۾ ملي ڪري ان باري ۾ آگاھ ڪيو وڃي۔
ھن سانحي ۾ مان ۽ منھنجي سنڌيوٿ جي ٽيم سنڌي قوم سان گڏ آھي، شرط ته قوم ساٿ ڏئي۔
جيڪڏھن ڪنھن دوست کي خبر آ، يا ڄاڻي ڪري معلومات ڏيڻ چاھي ٿو ته ھن نمبر تي اسان سان رابطو ڪريو
03152133355
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Monday, July 9, 2012

سنڌ يوٿ ڊولپمينٽ فورم!


دوستو! جيئن ته اسان پنھنجو پاڻ کي لاوارٽ مذھبي سياسي قومي تنظيمن ۾ ورھايل ڏسي ڏسي سنڌيوٿ ڊولمينٽ فورم ”ڪراچي“ تيار ڪيون سين، دوستن سان ڳالھ ٻولھ ڪئي سين دوست ھا ڪئي ۽ شروعات ڪئي سين فورم شروعات جي مرحلي ۾ آھي، ۽ فورم کي دوستن جي ساٿ جي سخت ضرورت آھي، اسان جو مقصد صرف سنڌيت جي خدمت ڪرڻ آھي، سنڌسلامت سٿ اسان سان گڏ آھي، ڪوبه دوست اگر اسان جو ساٿ ڏيڻ چاھي ته اسان سان راڀطو ڪري ٿو سگھي،
فورم جو مقصد ۽ ڪم

نثار ابڙو

سنڌي نوجوانن، مزدورن يا هنرمندن کي ڪراچيءَ ۾ برسرروزگار ڪرڻ ۽ رهائڻ لاءِ جيڪي دوست ڪراچيءَ ۾ رهنٿا ... اهي گڏجي سڏجي هيٺيان ڪم ڪن؛

1. جيڪي سنڌي دوست ٻين شهرن کان اچن انهن کي ڪجهه ڏينهن رهائش ڏيڻ.... نوڪري لڳڻ کانپوءِ هو پنهنجو بندوبست ڪن ... ۽ جيڪي خرچ ٿئي ته اهو به ادا ڪري سگهن .... انهن کان مليل پئسا وري نون ضرورتمندن تي خرچ ڪجن... جڳهه ڪرايي تي يا ڪنهن دوست جي خالي جڳهه ڪنهن سنڌي علائقي ۾ هجي، جنهن ۾ 8 يا 10 ماڻهون عارضي رهي سگهن. حاصل ڪرڻ.

2. آفيسن ۾ يا ڪارخانن ۾ يا دڪانن تي مزدورن جي گهرج هجي ته اتي سنڌين کي ڀرتي ڪرائن،. وس وارا، سنڌي دڪاندار، سنڌي واپاري يا وري سنڌي ڪارخينيدار يا وري سنڌي نوڪرين وارا ان ڏس ۾ مدد ڪري سگهنٿا ...

3. ڪجهه پئسن جي مدد، سنڌ سميت جيڪي دوست ٻاهر رهنٿا ۽ هو سمجهن ٿا ته 50 ، 100، 500 يا 1000 يا پنهنجي وس آهر ماهوار مدد ڪري سگهن ته اهي پئسا جمع ڪري سنڌي نوجوانن کي نوڪريون لڳرائڻ يا انهن کي رهائڻ يا ممڪن ڪجهه ويلا کاڌي تي خرچ ٿين ته اهي ڪري سگهجن.

4. فيسبڪ، انٽرنيٽ ۽ ٻين ذريعن ذريعي سموري سنڌ ۾ اعلان ڪرايو وڃي، رابطي جا ذريعا ڏنا وڃن ته جيڪي مدد ڪرڻ چاهن سي مدد ڪن ۽ جيڪي مدد وٺڻ چاهن سي پڻ رابطو ڪري مدد وٺي سگهن.

مطلب ته ان ڪم لاءِ پهريان مناسب تعداد سموري ڪراچيءَ ۾ سلڇڻا دوست گڏ ڪريو، جيڪي ڪم ڪري سگهن ۽ مدد وٺي سگهن يا مدد ڪري سگهن. ۽ ان ڪم لاءِ پنهنجيون خدمتون ڏئي سگهن ....

ڪراچي سنڌي روزگار ڪاميٽي جوڙي وڃي ... مول متا ٺاهي ڪم شروع ڪيو وڃي ... پنهنجي پاران جيڪي مدد ٿي سگهي يا جيڪو ڪم اوهان رکيو سو ڪري وينداسون ...

اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ....

سنڌ جي سڀني سڄاڻ ، سلجهيل ۽ هلندي پڄندي وارن دوستن کي عرض آهي ته هو اڳتي وڌن ۽ هن ڪار خئير ۾ هٿ ونڊائن

قوم جو ڀلو ڪرڻ اصل ۾ پنهنجو ڀلو ڪرڻ آهي



دوستن کي ڪھڙو ساٿ ڏيڻو آھي۔۔۔۔۔۔؟؟
. پنهنجو صلاحون ۽ رايا ڏين ته ان ڪم کي ڪيئن نڀائجي.
2. سرندي پڄنديءَ وارا دوست پنهنجون خدمتون آڃن ته هو ڪيئن مدد ڪري سگهندا
3. اهڙا دوست جيڪي ڪراچيءَ ۾ ڪارخانن ، دڪانن ، افيسن يا ٻين انجنيئرنگ جي ڪمن ۾ سنڌ کان آيل دوستن کي ڀرتي ڪرائي سگهن سي پڻ پنهنجي مدد ڪرڻ جي حامي ڀرن
4. ڪراچيءَ ۾ رهندڙ دوست پنهنجن پنهنجن مٽن مائٽن، دوستن احبابن ۽ ٻين ضرورتمندن کي ڪراچيءَ ۾ وٺي اچن ۽ انهن جي مدد ڪري انهن کي دڳ لڳائين روزگاري سان لڳرائن.
5. ڪراچيءَ ۾ لکين ڪم آهن ... دنيا سموريءَ مان ماڻهون اچي روزگار حاصل ڪنٿا ۽ پيٽ پالن ٿا .... اچو ته سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ برسر روزگار ڪري پاڻ ملهايون.

اوهان دوستن جا هر هڪ ذري ذري جي مدد ڪنهن سنڌي دوست کي روزگار سان لڳائي سگهي ته ان کان وڌيڪ نه ڪا خدمت نه ثواب ... 
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Saturday, February 4, 2012

Why are we so behind?

پنھنجن سان ايترو پيار آھي، جيترو ھڪ عاشق جو پنھنجي محبوبا سان ھوندو آھي، پنھنجي محبوبا به شايد ايترو ياد ڪون ايندي آھي جيترو مان پنھنجن لاءِ لُڇندو آھيان ڪُڇندو آھيان، اُھو ڏينھن، رات ياد ڪون اٿم جنھن ڏينھن، رات مونکي مارن جي ياد نه آئي ھجي.
اڄ پٺاڻ جي صوف جي ٺيھي تي ڪم ڪندڙ سکر واسيءَ تڙپائي ڇڏيو نينڊ ان جي ناءُ ڪري سڄي رات جاڳندو رھيس، مان جڏھن ان سان اردو ۾ مخاطب ٿيس ته چوڻ لڳو ادا وڏا مور زنده آھن، منھنجي دل مان واھ جو لفظ منھنجي اندر کي چيري نڪتو ۽ شرم ڪجھ محسوس ڪيو ته مان پنھنجي مٽيءَ جي خوشبوءَ کي سڃاڻي نه سگھيس، ھُن مونکي ڪيئن سڃاتو.؟ ان تي سوچڻ لڳس ته منھنجي نظر مونکي پاتل ڪفن تي پئي.
مان تڏھن پنھنجي سوچ مان نڪتس جڏھن ھن پنھنجي پياري ٻولي ۾ مونکان پُڇو ادا مصالو تيز ھجي؟ مون چيو ھلڪو، ھلڪو چوندي مان ان کان پُڇو ورتو ته ڇا ھي ٺيھو اوھان جو آھي.؟ چيائين نه ادا ھڪ سوات جي پٺاڻ جو آھي مان ھتي سئو رپن جي عيوض ڪم ڪندو آھيان شام جو بجين بجين ايندو آھيان ۽ رات جو تيستائين جيستائين صوف ختم ٿئي، ان سان سان ان جي باري ۾ پُڇندي مون صوف پورو ڪري گھر طرف نڪتس مان عجيب محسوس ڪري رھيو ھيس مان پنھنجي ذھن تي مڻين وزن محسوس ڪري رھيو ھيس.
ڪجھ سوال جوابن جا منتظر ھئا.؟
مان پاڻ کي بلڪل غلام محسوس ڪري رھيو ھيس ته ھي ڇا ھي اسان جو وڏو شھر آھي جتي اسان پاڻ ھن ڌرتيءَ جا وارث مالڪ نه پر نوڪر آھيون ۽ ٻئي ھنڌ کان آيل قومون اسان جون مالڪ آھي سچ ته ڏاڍو ساڙ ٿي رھيو ھو. معزرت ساڙ ۽ پنھنجن سان پيار ۾ لکيل ڪجھ جملا.
ھا! مونکي ساڙ ٿيندو آھي
ھا! مونکي ساڙ ٿيندو آھي
ھي وڏيون وڏيون بلڊنگيون ڏسي
ھي وڏا وڏا گھر بنگلا ڏسي
ھي وڏا وڏا دڪان ڏسي
ھي وڏيون وڏيون ڪمپنيون ڏسي
ھي وڏيون وڏيون ٽرانسپوٽ ڪمپنيون ڏسي
ھي وڏيون وڏيون گاڏيون ڏسي

آءُ پنھنجي قوم جي حالت ڏسي ائين ٿو پچان جيئن لوھ پچي ڳاڙھو ٿئي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Saturday, January 28, 2012

Why are you so weak after all?

ھڪ عام سنڌيء اڄڪلھ پنھنجي پيٽ پالڻ ۾ پورو آھي ان کي ٿورڙي به واند نه آھي ته ھو ڪيئن ۽ ڪھڙي نموني سان اڪيلي سر سنڌ جو ڪيس وڙھي؟
ھڪ سنڌي پنھنجي ٻارن جي سٺي تعليم ۽ پنھنجي خاندان وارن جون ضرورت پورو ڪرڻ ۾ ڏاڍو مصروف آھي، سڌيءَ طرح اھو به قوم کي فائدو آھي.
اسان جا مالي حالات ھٿ سان ڪمزور ڪري اسانکي پوئتي ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
اسان جي ڳوٺن ۾ رھندڙ سنڌين کي ٻنيءَ ونيءَ جي نالي تي ويڙھائي انھن کي وڏيرن شاھن ڀوتارن جو غلام رکي سائيڍ تي ڪيو ويو آھي ته ٻئي طرف شھر ۾ رھندڙ سنڌين کي لالچ ۾ ڦاسيو ويو آھي، شھر ۾ رھندڙ سنڌي ڪي ته اھڙا به آھن جيڪي سنڌي سڏائڻ لاءِ به تيار نه آھن، پنھنجي قوم کي پاڻ نقصان ڏئي رھيا آھن ته ڪٿي سنڌين جي ٻڌيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ اُتان جون قومون انھن مٿان حاوي ڪيون ويون آھن، شھر ۾ رھندڙ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري ان کان ھر حق کسي مھمانن جھڙو سلوڪ رکي انھن کي انھن جي تعليمي ادارن ۾ داخلائون نه ٿيون ڏنيون وڃن.
شھر ۾ رھندڙ سنڌين مٿان نسلن جو ڄڻ ٻج ٿو اُڇلايو وڃي، ميار ڀلا ڏيجي ته ڪنھن کي ڏيجي؟ ھتان جي شاھن، وڏيرن، ڀوتارن کي يا سياسي ڪامورن کي يا غيرت جي بدنظميءَ واري فطرت کي؟
برحال اسان جا جي جيڪا عزت مان مرتبو آھي اُھو اسانکي ڪون ٿو ملي.
اسان سان اُھو سلوڪ ٿو ڪيو وڃي جيڪو ڪنھن خانه بدوش جي خاندان سان به نه ٿيڻ گھرجي، تاريخ گواھ آھي ته پاڪستان ٺھڻ کان اڄ ڏينھن تائين اسان کي مڪمل حقن کان محروم ڪيو ويو آھي.
اڄ سائين جي ايم سيد جي ياد منھڻجي نيڻن مان نير وھائي ڇڏيا! سائين جي ايم سيد ھڪ ڏاھو بزرگ سنڌ جو عاشق سنڌين جو رھنما سمجھي پيو ته ھي منھنجي قوم کي ڪڏھن به تسليم نه ڪندي ڪوبه حق نه ڏيندا ان جي ڪري سيد سنڌ جو نعرو لڳايو پر وڏي افسوس جي ڳالھ آھي ته سنڌين سيد کي نه ان وقت سڃاتو نه اڄ
قمر شھباز ڏاھن لاءِ چوي ٿو
ھر دور ۾ ڏاھن ڏنگ سٺا
سياڻن کي ستايو آھ ويو
اسان سنڌي ھڪ بلڪل به نه آھيون، قبيلن، مذھبن، مذھبي عقيدن ۽ سياسي گروھن ۾ وراھيل آھيون.
اسان کي پنھنجي قوم تي غيرت گھٽ قبيلي تي وڌيڪ ايندي آھي، اسان شڪ پنھنجي قوم تي ڪري ٿا سگھون پر مذھب، مذھبي عقيدي ڪڏھن ڪون، اساب ٻئي ڪنھن ڪوڙي سياسي ليڊر تي تنقيد ڪنداسين پر پنھنجي ٺڳ سياسي ليڊر تي ڪڏھن آڱر به نه کڻنداسين.
ھڪ ڳالھ اڙي بابا سڀ قبيلا، مذھب، مذھبي عقيدا ۽ سياسي گروھ کير سان ڌوتل آھن.
پر سڀني کان مٿاھون سمجھو پنھنجي قوم کي جيڪا اوھان جي ڪري ڏينھون ڏينھن زوال طرف وڃي رھي آھي، ٿورڙو سوچيو ۽ قوم جي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Thursday, January 26, 2012

How to write Sindhi in Photoshop?


دوستو! ڪيترا دوست اڃان اھڙا به آھن جن کي سھي ايم بي سنڌي به انسٽال ڪرڻ نه ٿي انھن جي سولائي لاءِ بس ايم بي سنڌي سيکيا جو ھي وڊيو ئي ڪافي آھي......اوھان ونڊو ايڪس پي جي سي ڊي سي ڊي روم ۾ وجھي ھي وڊيو غور سان ڏسو.!
وڊيو ڏسڻ لاءِ ھيٺ ڪلڪ ڪندا
اُميد ته دوستن جي سنڌي انسٽال ٿي وئي؟
ھاڻي سنڌي انسٽال ڪرڻ کان بعد ڪجھ دوستن سان اھو مسئلو آھي ته ھو فوٽو شاپ جا ماھر ھوندي به سنڌي فوٽوشاپ ۾ نه ٿا لکي سگھن
فوٽو شاپ ست پائنٽ زيرو (7.0) استعمال ڪندڙ دوستن لاءِ ھي سکيا وڊيو ھيٺ ڏيجي ٿو اُميد ته دوستن جو مسئلو حل ٿي ويندو
اُميد ته دوستن جو ھي مسئلو به ختم ٿي ويو.
اگر جيڪڏھن دوست چاھين ٿا ته سڌو سئون اسان فوٽوشاپ ۾ شاعري وغيره لکي ڊزائين ڪريون ته انھن لاءِ ايڊاپ فوٽوشاپ سي ايس چار ڪافي آھي
ھيٺ ڪلڪ ڪري اوھان فوٽوشاپ سي ايس چار ڊائونلوڊ ڪريو ۽ سنڌي اردو توڙي عربي آرام سان لکو.
ڊائونلوڊ
ٺيڪ؟
وڌيڪ ڊائونلوڊ لنڪس
جيڪڏھن اوھان وٽ نيٽ سلو وغيره آھي ته؟
پوءِ مارڪيٽ مان اوھان سي ايس چار جي سي ڊي وٺي
پنھنجي سسٽم ۾ انسٽال ڪريو.
ھاڻي ڪجھ اھڙا دوست آھن جيڪي ھڻ مار ڪري فوٽوشاپ ۾ سنڌ لکي ٿا وڃن پر انھن جو چوڻ آھي ته شاعري ڊزائين ڪيئن ڪجي؟
انھن دوستن کي مان اھو چوندس ته شاعري ڊزائين ڪرڻ ڪو ايڏو مشڪل ڪم نه آھي شاعري ڊزائين ڪرڻ لاءِ اوھان کي اکرن جو رنگ سھي حساب ڪتاب ۾ بيھارڻو آھي بس ۽ جيڪا شاعري اوھان کڻو ٿا ان حساب جي ھڪ تصوير اوھان شاعري سان گڏ رکو وڌيڪ اوھانکي جيئن بھتر لڳي.
جيڪڏھن شاعري ڊزائين ڪرڻ اوھان چاھيو ته ٿورو گھڻو ڪم اوھانکي فوٽوشاپ يا ايم ايس آفيس ۾ اچڻ گھرجي شاعري يا اکرن کي ڊزائين ڪرڻ لاءِ مختلف سافٽوير آھن ڪجھ دوست ڪورل ڊرا ۾ شاعري يا اکر ڊزائين ڪندا آھن ته ڪجھ مون وانگر فوٽوشاپ ۾ ته ڪجھ ايم ايس آفيس پاورپوانٽ وغيره وغيره ۾ دوستن جي سھولت لاءِ مکڙي وارن جو ھي وڊيو ھيٺ ڏڃي ٿو ان اُميد سان ته دوست ڳالھ کي سھي معنٰي ۾ سمجھي ويا ھوندا اگر اڃان به ڪنھن دوست کي ڪوبه مسئلو پيش اچي ٿو منھنجي ذاتي نمبر تي به دوست رابطو ڪري ٿا سگھن
03152133355

يا ھتي ھيٺ راءِ ۾ به دوست پُڇي ٿا سگھن
ھيٺ ڪلڪ ڪري اوھان شاعري ڊزائين وڊيو ڏسي ٿا سگھو

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Once again the situation in Karachi deteriorated

ڪلھ! ڪراچيءَ جي گارڊن واري علائقي ۾ نامعلوم ھٿياربندن فارنگ ڪري گارڊن جا دڪان بند ڪرائي ڇڏيا علاقي ۾ خوف جي ھڪ لھر، جڏھن ته دڪاندارن جو چوڻ آھي ته فارنگ ڪندڙ ڀتاخور گروپ وارا آھن جن ڪجھ ڏينھن اڳ ڀتي جون چٽيون موڪليون ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ ھُنن فارنگ ڪئي آھي.

ڪراچي ۾ عام شھرين جي زندگي ڏينھون ڏينھن عذاب بڻجندي وڃي ٿي، ھتان جي حڪمران کي ڪوڙ ڳالھائڻ مان واندڪائي ڪون ٿي ملي.....جموريت جا سکڻا نعرا ھڻي عوام کي بيوقوف بڻائڻ خبر نه آھي ڪڏھن بند ٿيندو.؟

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Friday, January 20, 2012

With friends in SaaN






ھر سال سائين جي ايم سيد جي سالگره يا ورسيءِ تي تياري ڪندو ھيس پر ڪجھ ذاتي مصروفيات ۽ ذاتي مسئلن مان جان ڇُٽندي ئي ڪون ھُئي ھن سال سائين جي سالگره تي وڃڻ جو وچن ڪيو ۽ اھو واعدو ڪيو پاڻ سان ته ڀلي ڪجھ به ٿئي پوي سائين جي الگره تي سيد جي نگري حاضري ضرور ڀرڻي آھي.
مسئلو ھيو سن وڃڻ جو دوستن سان رابطا ڪيا ته دوستن چيو ته اڪيلا نه اچو اوھان لاءِ واپسي ۾ مسئلو ٿيندو سو اوھان اچو ته ڪنھن قوم پرست پارٽي جي ريلي سان گڏ اچو اھا ڳالھ منھنجي لاءِ پريشان پيدا ڪئي ته مان ڪيئن ۽ ڪنھن جي ريلي سان وڃان؟
دوست ته ھئا جن مونکي دلجاءِ ڏيندي چيو ته ادا اوھان اسان ساڻ ھلو، پوءِ آءُِ جوھر ڪراچي جي سنڱت سان جيئي سنڌ تحريڪ وارن جي ريلي سان ڪراچي مان سن لاءِ نڪتس ساڻ مونسان گڏ منھنجو تمام سٺو دوست عرفان ديشي ۽ نعيم کوسو صاحب جن ھئا.
اسان سن سيد جي نگري پھتاسين ھر جيئي سنڌ پارٽي جو ھڪ الڳ الڳ پنڊال ھيو اھو ڳالھ مونسان گڏ ھر سيد جي عاشق لاءِ ھڪ وڏي پريشاني جو سبب ھن سال به بڻي، خير مان ڪو ڪنھن قوم پرست جو جلسو ٻڌڻ لاءِ ته ڪون ويو ھيس مان سيد جي نگري حاضري ڀرڻ ويو ھيس اُتي ڳوٺ توڙي فيس بوڪ جا ڪيترا ئي دوست به آيل ھئا.
مان سيد جي پيرادي کان بيھي سيد ۽ سنڌ جي حالات ۽ سنڌين جي حالت تي ٿورڙو غور ڪيو ته اکين مان لڙڪ لڙي آيا ڏاڍو ڏک افسوس ٿيو ۽ جڏھن ڏٺو قوم پرستن جو الڳ الڳ ميڙاڪو ته قوم پرست جيئي ھڪ ئي ماڻھون جي فڪر جي ڳالھ ٿا ڪن اُھي پاڻ ئي الڳ الڳ پنڊال ۾ پنھنجي ڪارڪنن کي خطاب پيا ڪن ۽ گڏ گذاريل سيد جا يادگار واقعه پيا پيس ڪن ۽ سيد جي فڪر تي عمل ڪرڻ جي تاڪيد پيا ڪن.
سيد جي نگري حاضري ڀري مونکي ڏاڍي خوشي ٿئي ۽ اُتي آيل دوستن سان ملي ڪري سٺو لڳو.........موري جي تقريبن سڄي سنڱت اُتي آيل ھُئي جن ۾ ظفر سنڌي، زاھد لغاري، اياز ھوشو، مھراڻ سنڌي، وسيم حسين، سجاد، خالد لغاري، آصف سنڌي، سائين محمد بخش سھتو، امجد ڀٽي، اشفاق لغاري ۽ مئڪش سومرو وغيره
اُتي ٻيا کوڙ سارا منھنجا پيارا دوست آيل ھئا جن سان ملڻ جو تمام گھڻو شوق ھيو جيئين ساگر شفقت مھر، وقار بلوچ باسط ٻگھيو جنيد ميمڻ ۽ ڪيترا اھڙا به دوست ھئا جن جا نالا مان ياد ڪري نه سگھيس.........(معزرت)
آخر ۾ بس مان سيد جي عظيم شخصيت کي سلام ڪندس سلام سيد سلام سيد

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>