Pages

Wednesday, August 24, 2011

سيد صاحب جي لکيل ڪجهه ڪتابن جا نالا

سيد صاحب جي لکيل ڪجهه ڪتابن جا نالا

(1) پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني ــــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي آهي مگر اها ڪهاڻي مڪمل ناهي.

(2) جنب گذاريم جن سين ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي هم عصر سياستدانن، عالمن، اديبن ويجهن زميدارن، ۽ پنهنجي دوستن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. تمام معلوماتي ۽ تاريخي ڪتاب آهي، اگر اهيو ڪتاب توهان نيٽ تي پڙهڻ چاهيو ته ان لاء پڻ هيٺ هڪ لنڪ ڏيان ٿو، توهان اتان اهيو ڪتاب پڙهي سگهو ٿا۔

(3) سنڌ جا سورما ـــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب سنڌ جي بهادر سورمن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي لنڪ پڻ مون هيٺ ڏني آهي ۽ توهان اتان پڙهي سگهو تا،

(4)سنڌي ڪلچر ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب سنڌ جي رهڻي ڪهڻي طور طريقن ۽ رسمن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهنجي پڻ لنڪ هيٺ ڏنل آهي.

(5) ون يونٽ جي ڪهاڻي ــــ ايوب دور ۾ سنڌ جو نالو ختم ڪري ون يونٽ قائم ڪيو ويو هو ، هن لتاب ۾ ان ون يونٽ جو ذڪر آهي.

(6) خطبات سيد ــــ هن ۾ سيد صاحب جون تقريرون ڏنل آهن.
(7) پيغام لطيف ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب شاه صاحب جي شاعري جي روشني ۾ حبالوطني جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي لنڪ پڻ هيٺ ڏنل آهي توهان لنڪ ڪلڪ ڪري اهو ڪتاب پڙهي سگهو ٿا.

(8) ديارِدل ۽ داستان محبت ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي محبت جا قصا ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن سيد صاحب جي بقول ته ٽن عورتن سان محبت جا قصا ٿيا، ۽ انهن جو ذڪر به هن ڪتاب ۾ موجود آهي، ۽ ان کان علاوه هن ڪتاب ۾ اهي محبت وارا خط پڻ ڏنا ويا آهن، ۽ تمام سهڻي نموني سان هن ڪتاب کي لکيو ويو آهي، محبت جو داستان لڱندي لکندي سيد صاحب شاه سائين جا شعر،۽ بيت اهڙا ته فٽ ڪيا آهن جو پڙهندين پڙهندي پڙهندڙ جي ڪيفيت به عجيب ٿئو وڃي، توهان کي ڪڏهن موقعو مليو ته اهيو ڪتاب ضرور پڙهجو.

(09) سنڌ جي بمبئيء کان آزادي ـــ 1936ع ڌاري سنڌ کي آزاد ڪيو ويو، ۽ ان آزادي جو ذڪر سيد صاحب هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي.
(10)نئين سنڌ لاء جدوجهد ــ.........................................

(11)سنڌوء جي ساڃاه ـــ ٻن جلدن ــــ ..............................
(12) موجوده سياسي مسئلا ـــــ ........................................
(13) سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاء ؟ ـــ .......................................

(14) جديد سياست جا نورتن ــــــ ......................................
چونڊ سياسي مضمون ـــــ .........................................
(15) ههڙا هاڃا ٿين ـــــ........................................ ................

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Sunday, August 14, 2011

g m syed

جي ايم سيد جنھن کي اسان رھبر چوندي دير ئي نه ڪندا آھيون، پر ڇا ان جي ڪيل ھر ڳالھ تي اسان عمل ڪندا آھيو.؟
نه بلڪل به نه...ڇوته اسان اڃان جي ايم سيد کي سھي نموني پڙھيو ۽ سمجھيو ئي نه آھي اسان وٽ ٽائيم ڪٿي آ.؟
اسان اڄ ڪل جي قوم پرستن جي پوٺيان ڊُڪي ڊُڪي ٿڪجي ٿا پئون......۽ انھن جي پرچار ۾ مصروف آھيون....ھر قوم پرست جي تصوير سان گڏ جي ايم سيد جي تصوير لڳل آھي....انھن کان پُڇو ته سھين........ته اوھان جي ايم سيد جي فڪر تي ھلندي سنڌ جي آزاديءَ واري جھدوجھد کي ڪيترو مضبوط ڪيو آ.......پڪ ڄاڻو ته ھي سڀ ڊراما آھن سنڌي قوم کي بيوقوف بنائڻ جا......جي ايم جي فڪر جو اُبتڙ استعمال ڇا اوھان جي ضمير کي ملامت نه ٿو ڪري....اگر نه ٿو ڪري ته اوھان به ڊرامي باز آھيون...جيڪڏھن ڪري ٿو ته ملي ڪري آواز اُٿاريون.
مون ۾ لکڻ جي سگھ ته گھڻي آھي، پر لفظ ساٿ ئي نه ٿا ڏين ته ڇا لکان.؟
جيڪڏھن اوھان پنھنجن پنھنجن پنھنجن قوم پرست ليڊرن کي پڏائڻ ئي ايمان جو جُز ٿا سمجھو ته اسان کي ڪوبه اعتراز نه آھي.....گھٽ ۾ گھٽ سيد جو ڪجھ خيال ڪريو.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Saturday, August 13, 2011

اسان ڳوٺاڻا

اڄ صبح بار بار بابا سائين جن جو فون اچي رھيو ھو، رات دير سان سمھڻ جي ڪري ڀلا ڪٿان ٿي صبح ستين بجين جاڳ ٿئي.؟
پر اڳيان فون ڪندڙ ڪو واندو دوست به نه ھو ته ڪال بزي ڪري ڇڏيان.!
نه ڪال بزي پيو ڪريان ۽ نه ئي رسيو.
نيٺ بابا جي بار بار ڪال مونکي پريشان ڪري ڇڏيو مان سستي کي ڇڏي ڪال رسيو ڪئي ۽ پنھنجي نڀاڳي اسٽائيل ۾ ھيلو ڪئي.
بابا جن جي ڳالھائڻ ۾ لڳي رھيو ھو ته ھو ڪاوڙ ۾ آھن.....۽ ڪاوڙ ۾ ڪال رسيو نه ڪرڻ جو سبب پُڇيائون.؟
مان ڪوڙ جو سھارو وٺندي بابا جن کي چيو بابا معاف ڪجو مان واش روم ۾ ھيس، بابا جن جلدي ئي ھن ڳالھ کي نظر انداز ڪندي پنھنجي ڳوٺاڻي انداز ۾ مخاطب ٿيندي چيو،
عاشق..!! مبارڪ ٿئي،
مان حيران ٿي پُڇيس،
بابا ڇا جي مبارڪ.؟
چيائين ڙي مينھن ويائي ٿئي،
مان بابا کي خير مبارڪ چوندي ڏاڍو خوش ٿيس ۽ بابا جن کان پُڇيو بابا ڇا ڏنائين؟ بابا وراڻيو وش (في ميل)....ان ٽائيم چھري تي مُرڪ اچي وئي......تڏھن مون چيو (اسان ڳوٺاڻا)
بابا جن رمضان ۽ ڪراچي جي حالات جي باري ۾ پُڇندي عيد تي ڳوٺ اچڻ جو چوندي ڪال بند ڪئي.

دوستو..!! ڳوٺ جا ماڻھون مالوند ۽ مال سان ايترو پيار ڪندا آھن جيئن پيءُ ماءُ پنھنجي اولاد سان، ڪنھن به جانور جي بيماري موت وغيره ھنن کي ڏاڍو صدمو رسائيندو آھي.
مان پنھنجي زندگيء ۾ ھيئر تائين ايترو ڪڏھن به ڪون رُنو ھيس جيترو ان رات مينھن جي چوري ٿيڻ تي رُنو ھيس، شايد ئي اُھا رات مونکان وسري.!!1

اسان جي ڳوٺن ۾ مينھن، ڳئون، ٻڪري، رڍ ايتري قدر جو گڏھن جي به چوري عام جام آھي، ۽ ڳوٺ ۾ جيڪڏھن وس واري جي چوري ٿئي به ونڃي ته ڪجھ ئي ڏينھن ۾ واپس.
پر غريب جي مينھن، ڳئون، ٻڪري ۽ رڍ يا گھر جو سامان چوري ٿئي.....ته غريب اھا پڪ ڪري گھر ويھي رھندو آھي ته ڪجھ به نه ٿيندو.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Friday, August 5, 2011

Ashique Solangi (منھنجا خيال)








مڪمل تحرير ۽ تبصره>>