Pages

Saturday, February 4, 2012

Why are we so behind?

پنھنجن سان ايترو پيار آھي، جيترو ھڪ عاشق جو پنھنجي محبوبا سان ھوندو آھي، پنھنجي محبوبا به شايد ايترو ياد ڪون ايندي آھي جيترو مان پنھنجن لاءِ لُڇندو آھيان ڪُڇندو آھيان، اُھو ڏينھن، رات ياد ڪون اٿم جنھن ڏينھن، رات مونکي مارن جي ياد نه آئي ھجي.
اڄ پٺاڻ جي صوف جي ٺيھي تي ڪم ڪندڙ سکر واسيءَ تڙپائي ڇڏيو نينڊ ان جي ناءُ ڪري سڄي رات جاڳندو رھيس، مان جڏھن ان سان اردو ۾ مخاطب ٿيس ته چوڻ لڳو ادا وڏا مور زنده آھن، منھنجي دل مان واھ جو لفظ منھنجي اندر کي چيري نڪتو ۽ شرم ڪجھ محسوس ڪيو ته مان پنھنجي مٽيءَ جي خوشبوءَ کي سڃاڻي نه سگھيس، ھُن مونکي ڪيئن سڃاتو.؟ ان تي سوچڻ لڳس ته منھنجي نظر مونکي پاتل ڪفن تي پئي.
مان تڏھن پنھنجي سوچ مان نڪتس جڏھن ھن پنھنجي پياري ٻولي ۾ مونکان پُڇو ادا مصالو تيز ھجي؟ مون چيو ھلڪو، ھلڪو چوندي مان ان کان پُڇو ورتو ته ڇا ھي ٺيھو اوھان جو آھي.؟ چيائين نه ادا ھڪ سوات جي پٺاڻ جو آھي مان ھتي سئو رپن جي عيوض ڪم ڪندو آھيان شام جو بجين بجين ايندو آھيان ۽ رات جو تيستائين جيستائين صوف ختم ٿئي، ان سان سان ان جي باري ۾ پُڇندي مون صوف پورو ڪري گھر طرف نڪتس مان عجيب محسوس ڪري رھيو ھيس مان پنھنجي ذھن تي مڻين وزن محسوس ڪري رھيو ھيس.
ڪجھ سوال جوابن جا منتظر ھئا.؟
مان پاڻ کي بلڪل غلام محسوس ڪري رھيو ھيس ته ھي ڇا ھي اسان جو وڏو شھر آھي جتي اسان پاڻ ھن ڌرتيءَ جا وارث مالڪ نه پر نوڪر آھيون ۽ ٻئي ھنڌ کان آيل قومون اسان جون مالڪ آھي سچ ته ڏاڍو ساڙ ٿي رھيو ھو. معزرت ساڙ ۽ پنھنجن سان پيار ۾ لکيل ڪجھ جملا.
ھا! مونکي ساڙ ٿيندو آھي
ھا! مونکي ساڙ ٿيندو آھي
ھي وڏيون وڏيون بلڊنگيون ڏسي
ھي وڏا وڏا گھر بنگلا ڏسي
ھي وڏا وڏا دڪان ڏسي
ھي وڏيون وڏيون ڪمپنيون ڏسي
ھي وڏيون وڏيون ٽرانسپوٽ ڪمپنيون ڏسي
ھي وڏيون وڏيون گاڏيون ڏسي

آءُ پنھنجي قوم جي حالت ڏسي ائين ٿو پچان جيئن لوھ پچي ڳاڙھو ٿئي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>