Pages

Saturday, March 12, 2011

اسان سنڌي آهيون

اسان سنڌي آهيون

اسان سنڌي آهيون ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي

پر ٿورو غور

اسان سنڌي هجڻ سان گڏ ٻيو گهڻو ڪجھ به آهيون

اسان سنڌي هجڻ سان گڏ سولنگي به آهيون

اسان سنڌي هجڻ سان گڏ مسلمان به آهيون

اسان سنڌي هجڻ سان گڏ شيعه يا سني ديوبندي وغيره به آهيون

جيڪڏهن ڳالھ ذات تي ايندي ته به اسان سنڌي هڪ ٻئي سان وڙهنداسين....تون سولنگي مان سومرو

جيڪڏهن ڳالھ مذهب تي ايندي ته به اسان پاڻ ۾ وڙهنداسين.... تون هندو مان مسلمان

جيڪڏهن ڳالھ فرقي يا عقيدي تي ايندي ته به اسان پاڻ ۾ وڙهنداسين.... تون شيعو مان سني

اسان سنڌين جي وڙهڻ جو فائدو ڪنهن کي ٿو رسي...ڪڏهن ان تي به ته سوچيو.؟؟

سنڌ معدنيات ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال..اُتي هڪ نظر اوهان ڪڏهن سنڌين تي ڦيرايو....ته سنڌين جي حالت ڇا آهي...؟؟

اسان آهيون ته سنڌي ۽ اسان جي اصل ثقافت ڇا آهي....اسان جا ابا ڏاڍا ڇا هُئا...۽ ڇا ڪري ويا....اسان ان جي شايد ابتڙ هلي رهيا آهيون

اسان سنڌين جا عقيدا نظريا الڳ الڳ ۽ جاهل قومن وارا آهن...معزرت سان

ڪري مرد لوڙي عورت

وارو قصو لڳو پيو آهي

اسان ۾ جيتري ذات پرستي آهي....اوتري قوم پرستي نه آهي.

اسان پنهنجي نياڻي ڪنهن به ٻئي ذات ۾ ڏيڻ پسند نه ڪندا آهيون

اسان پنهنجي پُٽ کي ڪنهن به ٻئي ذات مان شادي ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا آهيون

ڇو ته هو عباسي آهي ۽ اسان سومرا آهيون...اسان ڪڏهن به ذات پرستي کان هٽي ڪري نه سوچيو آهي... ذات پرستي جو وڏي ۾ وڏو نقصان سنڌ ۾ هلندڙ قبيلائي جهڙا هڪ وڏو مثال آهي...جيڪڏهن اسان ۾ قوم پرستي هجي ته ائين ٿيڻ نا ممڪن آهي.

سو خدارا ذات پرستي کان هٽي ڪري اگر اوهان قوم پرستي جي سوچ رکندا ته اسان سنڌي آهيون...ذات صرف سڃاڻپ جي لاءِ آهي..باقي تون ۽ مان صرف سنڌي آهيون...اول آخر

2 comments :

Anonymous لکيو آهي

ada sach tha cha o

Unknown لکيو آهي

ابا عاشق ڪم جي ڳاله ڪئي اٿئي يار
علي ظفر

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔