Pages

Saturday, March 5, 2011

جنازي نماز پڙهائڻ جا پنج سئو

هڪ غريب جو پيءُ...وفات ڪري ويو....غريب وٽ ڪفن جا پيسا ڪون هئا...چوندا آهن ته جنهن کي دوست آهن اُهو غريب نه آهي.....هي همراھ به هُيو ته غريب پر هن جو هڪ دوست پاڻ جهڙو غريب هيو..ڇوته غريبن جا يار به غريب...اُهو همراھ جنهن جو پيءُ وفات ڪري ويو هو..هڪ ته ان کي پنهنجي والد جي وفات جو ڏک ۽ بيو وري توبه والد جي ڪفن ڪٿان اچي اُها پريشاني....پريشاني ۽ ڏکئي وقت ۾ ظاهري ڳالھ آهي...سڄڻ دوست ئي ڪم ايندا آهن

سو هن غريب کي پنهنجو غريب دوست ياد اچي ويو....هي ويچارو مجبوري جي حالت ۾ اُن دوست ڏانهن ويو.

غريب پنهنجي دوست کي سڄي حقيقت ڪئي، پوءِ ان جي دوست ان غريب کي ڪجھ ڏوڪڙ صرف ڪفن جا ڏنا...ڪفن به ٿي ويو...خاص ڳالھ بچي ميٿ کي تڙ ڏيارڻ جي ۽ جنازي نماز پڙهائڻ جي..ڳوٺ جي مسجد جي پيش امام ڏانهن ويا ته مسجد جي پيش امام...جنازي نماز پڙهائڻ جا پنج سئو چيا..هاڻي جنهن غريب وٽ هڪ سئو نه آهي ڪفن جو اُهو پنج سئو ڪٿان ڏئي.؟؟؟

0 comments :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔