Pages

Friday, July 8, 2011

تيمور جو خواب هيو ته مونکي ڪراچي ۾ گهر هجي


تيمور جو خواب هيو ته مونکي ڪراچي ۾ گهر هجي

تيمور اڄ ڏاڍو خوش هُيو، هن جي خوشيءِ جو ڪو خاص سبب نه هو
تيمور کي پنهنجي آفيس وارن موٽر سائيڪل ڏني هُئي آفيس اچڻ وڃڻ جي لاءِ
تيمور چوويھن سالن جو نوجوان جنهن جي سر تي ننڍي هوندي کان بار بئجي ويا هئا......تيموروالدين جو اڪيلو پٽ ۽ پنجن ڀينر جو اڪيلو ڀاءُِ هُيو نهايت شريف ۽ ذميوار هو ننڍي هوندي کان وٺي هُيو، جيئن جيئن تيمور وڏو ٿيندو ويو تيئن تيئن هن جي ڪلھي تي بار وڌندا ويا.

تيمور جڏهن پنجن سالن جو اڃان مس ٿيو ته سندس والد وفات ڪري ويو.
تيمور جو خواب هيو ته مونکي ڪراچي ۾ گهر هجي.....۽ مان ڪراچي ۾ ڪجھ نه ڪجھ ڪيان.
جيئن منهنجو ۽ منهنجي گهر وارن جو وقت سٺو گذري تيمور ڳوٺ واري زمين وڪڻي ڪراچي ۾ هڪ سٺو گهر ورتو.

ڪجھ دوستن جي مدد سان تيمور کي ڪراچي ۾ هڪ پرائيويٽ ڪمپني ۾ نوڪري ملي ويندي آھي، ۽ ھو روز ڪمپنيءِ مان ڪم ڪري شام جو واپس ٿيندو آھي
وقت پنهنجي تيز رفتار سان هلي رھيو هو..........
تيمور جي وڏي ڀيڻ شازيه جي ڪجھ ڏينهن ۾ شادي ٿيڻ واري هُئي، تيمور پنهنجي پيڻ جي شاديء ۾ ڏاڍو مصروف هُيو.
صبح جو ڃڄ اچڻي هئي تيمور ان حوالي سان ڊيڪوريشن وارن سان ڳالهائڻ جي لاءِ گهر کان نڪتو.
ڪراچي جي حالات خراب ٿيڻ ۾ ڪابه دير نه لڳندي آھي...اچانڪ ڪراچي جي ٻن تنظيمن ۾ جهيڙو ٿي پيو..ان جهڙي ۾ تمام گهڻي فارنگ ٿي رھي هُئي
هر طرف دونھون ئي دونھون نظر اچي رھيو هو............

تيمور به ان فارنگ جي رش ۾ ڦاسي پيو تيمور نڪرڻ جي ڪوشش ئي اڃان مس ڪندو آھي ته

اچانڪ تيمور کي گولي لڳندي آھي ۽ تيمور موٽر سائيڪل تان هيٺ ڪرندو آھي....هڪ زوردار ڌماڪو ٿيندو آھي ڌماڪو ڪنهن بم جو نه هوندو آھي.....تيمور جي مٿو زور سان روڊ تي لڳندو آھي، شازيه جي هٿن تي لڳل مهندي جورنگ ڦڪو ٿي ويندو آھي
امڙ صدمو برداشت نه ڪري سگهندي آھي
تيمور جو موت تيمور جي سڄي خاندان جو موت بڻجي ويندو آھي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>