Pages

Friday, September 14, 2012

Baldia Town Tragedy


منھنجي بدقسمتي آھي يا خوش قسمتي ھر ھڪ پنھنجي سوچ جو مالڪ ڪنھن جي سوچ سان ڪو اختلاف ته رکي ٿو سگھي پر ان جي سوچ ويچار فڪر کي تبديل ڪرڻ ممڪن نه آھي۔
چوندا آھن ته غريب مسڪين مزدور بکايل محتاج جو ڪوبه دين ڌرھم ذات قوم نه ھوندي آھي، بلديه ٽائون فيڪٽري سانحي ۾ مختلف قومن سان واسطو رکندڙ ماڻھون شھيد ۽ زخمي ٿيا آھن ھي سانحو ھڪ وڏو سانحو آھي۔
ھن سانحي ۾ شھيد زخمي ٿيندڙن ۾ مرد عورتون ڇوڪرا ڇوڪريون شامل آھن، شھيد ٿيندڙ جي وارثن ۽ زخمي ٿيلن جي حالت ڏسي ھر ننڍو توڙين وڏو لڙڪ لاڙي ٿو۔
حڪومت ھر سانحي ۾ متاثر ٿيل ۽ شھيدن لاء مختلف اعلان ڪندي آھي، سياسي پارٽيون پڻ متاثر ھنڌ پھچي پنھنجي سياست کي چمڪائڻ لاء اعلان ڪنديون آھن، اھا سٺي ڳالھ آ تمام ڀلي ڳالھ آ، پر سوال ته ڇا انھن جي اعلان تي عمل به ٿيندو آ يا جيئن سولي سنڌي ۾ چوندا آھن ڊاڙ ڪنھن جي پيءُ جي نه آھي؟ خير جيڪڏھن ھن ڳالھ تي ڳالھبو ته ڳالھ وڏي ٿي ويندي۔
مان سمجھان ٿو پڪ اٿم ته ھتان جي رياست ۽ سياست کان سڀ واقف آھن۔
ڏٺو وڃي ته ڪراچي جي ملن ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدور (ليبر) تبقو سنڌين جو ھوندو آھي، اسان جي پارٽين ھن سانحي تي بيان ڏيڻ جي به تڪليف نه ڪئي آھي، يا ڪئي آھي؟
جتي انسان ذات جي ڳالھ اچي اُتي قوم دين ڌرم ذات پات رنگ نسل کي ڏسڻ گھرجي يا نه مان ان ڳالھ کان واقف نه آھيان۔
منھنجي ذاتي مجبوري آ، مان قيد آھيان قوم جي عشق ۾ ۽ اھو قيد مونکي بيحد پسند آھي۔
زنده دل سنڌين کي اپيل ته سانحي واري ھنڌ پھچي سنڌين جي باري ۾‌تفصيل معلوم ڪن فيڪٽري انتظاميه سان ملن ته جيئن خبر پوي ته ھن سانحي ۾ خدا نه ڪري ڪيترا سنڌي متاثر زخمي يا شھيد ٿيا۔۔۔؟
ھڪ ٻئي سان ميسج سيل فون ذريعي رابطو ڪري اسانکي يا پاڻ ۾ ملي ڪري ان باري ۾ آگاھ ڪيو وڃي۔
ھن سانحي ۾ مان ۽ منھنجي سنڌيوٿ جي ٽيم سنڌي قوم سان گڏ آھي، شرط ته قوم ساٿ ڏئي۔
جيڪڏھن ڪنھن دوست کي خبر آ، يا ڄاڻي ڪري معلومات ڏيڻ چاھي ٿو ته ھن نمبر تي اسان سان رابطو ڪريو
03152133355
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>