Pages

Saturday, June 19, 2010


دادو جي دل دادو جو آواز
احمد شاه استاد بخاريٌء
ممتاز علي وگهيو

ضلعي دادو هميشه وڏيون شخصيتون پيدا ڪيون آهن۔جهڙوڪ
علامه آء آء قاضي، علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه
محترم سائين غلام مرتضه شاه جي ايم سيد
تاج محمد صحرائي
محسن ڪڪڙائي
احمد ّخان مدهوش
ڪماالدين سولنگي
محمد سليم سولنگي
ماستر محمد اسمعاعيل وگهيو
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
محمد بخش سميجو ٽي وي پروڊيوسير
نور محمد شاه لاشاري ٽي وي اداڪار
سيد ثابت علي شاه سنڌي مرثئي جو پهريو شاعر
۽ انهن شخصيتن مان سنڌ جو عظيم عوامي شاعر ۽ عظيم انسان احمد شاه استاد بخاري پڻ هڪ آهن
.
احمد شاه استاد بخاريٌء هڪ عّظيم انسان ء عّظيم فقير صفت شاعر هو
سندس شاعري هر طبقي ۾ ٻڌي ء پڙهي وڄي ٿي، استاد بنيادي طرح هڪ سونهن
پسند شاعر هو مگر کيس سنڌه سان بيحد محبت ء پيار هو، دادو سان ته عشق هو،
بقول استاد بخاري
پنهنـــــــــــــــــــــ ـجي دل جي نالي
منهنـــــــــــــــــــــ ــجي دل دادو آهي
دادو ســــــــــــــــــــــنڌ جي دل آهي
۽
سنڌ وري ڪائنات جي دل آهي.“
استاد بخاري پنهنجي زندگي جي شروعات هڪ پارائمري استاد جي حيثيت سان ڪئي. ۽ آخر تائين استاد جي پيشي سان وابسته رهيا ۽ دادو ڊگري ڪاليج ۾ پروفيسر جا فرائض پورا ڪيائون. ۽ پوء دادو ڊگري ڪاليج جو نالو پڻ سندس ئي نالي سان رکيو ويو استاد بخاري جي سادگي جو انداز اهيو هو جو بخاري صاحب دادو ڪاليج ڪڏهن پيرين پنڌ، ته ڪڏهن سائيڪل تي. ته ڪڏهن ٽانگي ۾ ايندا هئا. ۽ ڪچهري جا ڪوڏيا ۽ محفل جا مور هوندا هئا ڪڏهن هوٽل ۾ ته ڪڏهن روڊ رستن تي ماڻهن سان پيا ڪچهري ڪندا هئا. دادو شهر ۾ اڪثر اسٽيج پروگرام گهڻا ٿيندا هئا. جڏهن ڪي ٽي اين جا مشهور اداڪار منان عباسي ۽ عبدالله ملاح وارا اسٽيج پروگرام ڪرائيندا هئا ته ان ۾ هميشه خاص مهمان استاد بخاري صاحب جن هوندا هئا. دادو جا مانهون استاد بخاري جي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا. هڪ دفعه اسٽيج پروگرام ۾ ڪرسين تان ڪجهه ماڻهون پاڻ ۾ وڙهي پيا ۽ انهن کي ڇڏائڻ ۽ پرچائڻ ۾ بارها ڪوشش ڪئي وئي مگر جهيڙو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي.آخرڪار استاد بخاري صاحب هيٺان اٿي ۽ مٿي اسٽيج تي اچي اهيو چيو ته اسان سنڌين جو ڪم بهڪڪڙين وارو آهي. ۽ پوء خبر ئي نه پئي ته جهيڙو ڪيڏانهن ويو ۽ جهيڙي وارا ماڻهون ڪيڏانهن ويا. استادبخاري جي وري اهيا خوش قسمتي چئبي جو کيس سندس شاعري کي خوبصورت انداز ۾ ڳائڻ وارو سنڌ جو مشهور راڳي منظور سخيراڻي دادو شهر ۾ ئي ملي ويو. جنهن سندس جي شاعري کي پوري سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر ۾ پنهنجي جادوئي آواز ۽ انداز ۾ عام ڪري ڇڏيو. منظور جو انداز ۽ سڃاڻپ ڪجهه الڳ ئي حيثيت رکي ٿو جنهن استاد جي شاعري کي وري چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيا. استاد بخاري کي مان تڏهن کان سڃاڻان، جڏهن مان ننڍو هئس. ء ان وقت دادو جيل سامهون ڪچهري روڊ تي هڪ وڏي ڪچهري ٿيندي هئي جنهن ۾ استاد بخاري ، امام بخش گهرياڻي، حاڪم علي شاه بخاري(استاد بخاري جو ڀاء) محمد عثمان ميمڻ تاج محمد صحرائي.آندل خان حليو، سيد عبدالله شاه سابقه سنڌ جو وڏو وزير ۽ سائين حافّظ خليل احمد ملاح صاحب شامل ٿيندا هئا. ۽ هڪ علمي ادبي ۽ تمام سهڻي قرب محبت واري محفل مچندي هئي.
جڏهن سيد عبدالله شاه سنڌ جو وڏو وزير هو تڏهن به ڪڏهن ڪڏهن اوچتو اچي دادو جيل سامهون وڪيل امام بخش گهرياڻي جي آفيس اڳيان گاڏي کي بريڪ هڻائيندو هو ان ڪچهري ۾ شامل ٿيڻ لاء ۽ پنهنجي دوست اما بخش گهرياڻي سان ملڻ لاء . ۽ وڏي وزير جو اهيو جوش جذبو ۽ عمل ڏسي کيس سان آيل پوري ٽيم حيران رهجي ويندي هئي. مگر ويو وقت گذري. بقول شيخ اياز صاحب ڪي ڏينهن هئا ۽ نينهن هئا.

استاد بخاري جو مختصر تعارف

اصل نالو ؛ احمد شاه
والد جو نالو؛ سيد حاجن شاه
ڄمڻ جي تاريخ؛ 16 جنوري 1930ع
ڄمڻ جو هنڌ؛ ڳوٺ غلام چانڊيو ضلعه دادو
پهرين نوڪري؛ تپيداري ( تنهنکانپوء استادي جو پيشو اختيار ڪيائين)
شاعري جي شروعات؛ 1946ع
نوٽ استاد کي مشهور شاعر عبدالله اثر جي صحبت متاثر ڪيوتنهن کانپوء سندس شاعري رنگ ڪڍڻ لڳي..
استاد جا تخلص؛ آسي، دردي، ۽آخر ۾ پوء استاد بڻيو.
تعليم؛ سنڌي فائينل سان گڏ عالم فاضل واريو ڊگريون پڻ حاصل ڪيون( بقول حافظ خليل ته استاد کي فارسي تي پڻ سٺو عبور هو. ۽ ڪڏهن ڪڏهن مون کان حافظ شيرازي ۽ شيخ سعدي جي شاعري ٻڌندا هئا.۽ جهومندا هئا.
نوڪري؛ استاد ڪڪڙ شهر ۽ پوء دادو ڊگري ڪاليج ۽ لاڙڪاڻه ڪاليج ۾ نوڪري جا فرائض انجام ڏنا........
موسيق؛ استاد شاعر سان گڏ هڪ وڏا موسيقار پڻ هئا ۽ پنهنجي ڪيترين ئي ڪلامن جون ڌنون پڻ تيار ڪيائون، .
بقول منظور سخيراڻي ته استاد بخاري ڪيترين ڪلامن جي ڌن تيار ڪري ۽ پوء ان ڌن کي ڳائي ٻڌائيندا هئا ته هي ڌن هئين ڳائجهي. وغيره وغيره
استاد بخاري جا ڪتاب؛
وفات: استاد بخاري کي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين جي فڪر اچي وڪوڙيو ۽ انهن سوچن آخرڪار ڪينسر جهڙي موزي مرض کي جنم ڏنو،(ڪينسر تنهنجي ڪرت گر رهي اهيا ساڳي، ته نه بچندي ممتاز باقي خلقت هي خدا جي۔ ۽ 9 آڪٽوبر 1992 ۾ بخاري صاحب ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ اسان کان هميشه هميشه لاء وڇڙي ويو۔( تنهنجو منهنجو ناتو رشتو شايد موت ڇني )
www.sindhsalamat.com

0 comments :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔