Pages

Thursday, June 17, 2010

شيخ اياز

بـــي مــوت مُــئــا ، تـو لاءِ ڪُــٺـــا انـســان هــزاريــن مــان نــه رڳـــو،
هـــــن دنـيـا ۾ اي ديــس ! هُـيـا نــادان هــزاريــن مــان نــه رڳــو.
جــي راهــهِ اجــل ڪــنــهــن ورتـــي آ ، هــن ڀـــونءِ ڪئي ٻي ڀرتي آ،
هيءَ ڌرتــي تو کــي پرتي آ ، مـهــمــان هــزاريــن مــان نـــه رڳـــو.

اک ســاري رات نـــه جھــپـڪي آ ، ۽ شبنم شبنم ٽَپڪــي آ،
جي باک گُهري ٿي بُک ، ته اي زنــدان ! هــــزاريـــن مـــان نـــه رڳــــو.

ٿـــو ســــاري ڪـــو بــه نــه سُــــڃ ـــــ مُـئا، هُو رُڃ ــــــ مُئا جي اُڃ ــ مُئا
ڇا پاپِي پَـر کــي پُــڃ ــــــــ مُــئــا ، ارمــــان هـــزاريــن مــان نــه رڳـــو .

ڇو چنڊ اسان کي رات ٺري ، ڏي چــانـــڊوڪــيءَ جــــو زهـــر ڀَــــري؟
آ ڪـــيڏو پـــويــــون پَـــهر پـــري ! حــيــران هـــزاريــن مــــان نــه رڳـــو.

تون چئه نه ڪُڇان، تُون چئه نه لُڇان، پر تونکان هڪڙي ڳالهه پڇان؟
تُون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين، اعلان هزارين مان نه رڳو.

هـــــي دٗؤر ” ايــاز “ گُــذرڻــو آ ، ۽ پــنــهـــنـــجــو وارو ورڻـــــو آ،
ڪــــــــو ٻـــارڻُ ته ٻرڻو آ ، امڪــــــان هزارين مــان نــه رڳـــو.

0 comments :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔