Pages

Saturday, January 28, 2012

Why are you so weak after all?

ھڪ عام سنڌيء اڄڪلھ پنھنجي پيٽ پالڻ ۾ پورو آھي ان کي ٿورڙي به واند نه آھي ته ھو ڪيئن ۽ ڪھڙي نموني سان اڪيلي سر سنڌ جو ڪيس وڙھي؟
ھڪ سنڌي پنھنجي ٻارن جي سٺي تعليم ۽ پنھنجي خاندان وارن جون ضرورت پورو ڪرڻ ۾ ڏاڍو مصروف آھي، سڌيءَ طرح اھو به قوم کي فائدو آھي.
اسان جا مالي حالات ھٿ سان ڪمزور ڪري اسانکي پوئتي ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
اسان جي ڳوٺن ۾ رھندڙ سنڌين کي ٻنيءَ ونيءَ جي نالي تي ويڙھائي انھن کي وڏيرن شاھن ڀوتارن جو غلام رکي سائيڍ تي ڪيو ويو آھي ته ٻئي طرف شھر ۾ رھندڙ سنڌين کي لالچ ۾ ڦاسيو ويو آھي، شھر ۾ رھندڙ سنڌي ڪي ته اھڙا به آھن جيڪي سنڌي سڏائڻ لاءِ به تيار نه آھن، پنھنجي قوم کي پاڻ نقصان ڏئي رھيا آھن ته ڪٿي سنڌين جي ٻڌيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ اُتان جون قومون انھن مٿان حاوي ڪيون ويون آھن، شھر ۾ رھندڙ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري ان کان ھر حق کسي مھمانن جھڙو سلوڪ رکي انھن کي انھن جي تعليمي ادارن ۾ داخلائون نه ٿيون ڏنيون وڃن.
شھر ۾ رھندڙ سنڌين مٿان نسلن جو ڄڻ ٻج ٿو اُڇلايو وڃي، ميار ڀلا ڏيجي ته ڪنھن کي ڏيجي؟ ھتان جي شاھن، وڏيرن، ڀوتارن کي يا سياسي ڪامورن کي يا غيرت جي بدنظميءَ واري فطرت کي؟
برحال اسان جا جي جيڪا عزت مان مرتبو آھي اُھو اسانکي ڪون ٿو ملي.
اسان سان اُھو سلوڪ ٿو ڪيو وڃي جيڪو ڪنھن خانه بدوش جي خاندان سان به نه ٿيڻ گھرجي، تاريخ گواھ آھي ته پاڪستان ٺھڻ کان اڄ ڏينھن تائين اسان کي مڪمل حقن کان محروم ڪيو ويو آھي.
اڄ سائين جي ايم سيد جي ياد منھڻجي نيڻن مان نير وھائي ڇڏيا! سائين جي ايم سيد ھڪ ڏاھو بزرگ سنڌ جو عاشق سنڌين جو رھنما سمجھي پيو ته ھي منھنجي قوم کي ڪڏھن به تسليم نه ڪندي ڪوبه حق نه ڏيندا ان جي ڪري سيد سنڌ جو نعرو لڳايو پر وڏي افسوس جي ڳالھ آھي ته سنڌين سيد کي نه ان وقت سڃاتو نه اڄ
قمر شھباز ڏاھن لاءِ چوي ٿو
ھر دور ۾ ڏاھن ڏنگ سٺا
سياڻن کي ستايو آھ ويو
اسان سنڌي ھڪ بلڪل به نه آھيون، قبيلن، مذھبن، مذھبي عقيدن ۽ سياسي گروھن ۾ وراھيل آھيون.
اسان کي پنھنجي قوم تي غيرت گھٽ قبيلي تي وڌيڪ ايندي آھي، اسان شڪ پنھنجي قوم تي ڪري ٿا سگھون پر مذھب، مذھبي عقيدي ڪڏھن ڪون، اساب ٻئي ڪنھن ڪوڙي سياسي ليڊر تي تنقيد ڪنداسين پر پنھنجي ٺڳ سياسي ليڊر تي ڪڏھن آڱر به نه کڻنداسين.
ھڪ ڳالھ اڙي بابا سڀ قبيلا، مذھب، مذھبي عقيدا ۽ سياسي گروھ کير سان ڌوتل آھن.
پر سڀني کان مٿاھون سمجھو پنھنجي قوم کي جيڪا اوھان جي ڪري ڏينھون ڏينھن زوال طرف وڃي رھي آھي، ٿورڙو سوچيو ۽ قوم جي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو.

1 comments :

Aadil Abbasi لکيو آهي

ادا، تمام بهترين لکيو اٿو، اصل ۾ ته سچ جي عڪاسي ڪئي اٿو

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔