Pages

Sunday, March 27, 2011

عورت جي محنت کي سلام

اڄ هڪ اهڙي پيءُ سان ملاقات ٿئي جيڪو پنهنجي ٻن ڌيئرن کي ڪمپني ۾ ڪم ڪرائڻ جي لاءِ روز اسٽاپ تي ڇڏي ايندو ۽ روز اسٽاو تان وٺي ايندو هيو.

مان ان ئي سوچ ۾ هيم ته آخر ان جهوني پيءُ سان ڪيئن ملاقات ڪريان،

۽ ڪيئن ان کان احوال وٺان....اڄ ساڳيء ريت هو پنهنجي ڌيئرن کي اسٽاپ تان وٺڻ آيو هيو پر ڪمپني جي گاڏيءَ دير ڪئي هُئي ۽ هي جهونو مڙس پريشان اُداس اسٽاپ تي بيٺو هيو.

مان به اڄ هڪ دوست سان ملڻ جي لاءِ گهران نڪتس ۽ مونکي به ان اسٽاپ تان ئي گاڏي ملڻي هُئي.

منهنجي نظر ان ڪُراڙي تي پئي...دل ۾ خيال آيو ۽ نظرون گهڙيءَ طرح ڏسڻ لڳيون مان سوچيس ته ڪُراڙو ته ڇوڪرين کي هن وقت کان اڳ ۾ ئي گهر وٺي ويندو آهي..اڄ هيئر تائين ڪُراڙو اسٽاپ تي ڪيئن.؟

مان آخر دل ٻڌي ان ڪراڙي جي قريب ويس ۽ ڪُراڙي کان پڇس نهايت ئي ادب سان جهوني سان مخاطب ٿيس دل ۾ ڊپ به هڪ عجيب محسوس ڪيم.

نوٽ چاچو اردو ڳالهائيدڙ هيو..مان تفصيلي احوال سنڌي ۾ ٿو لکان.

عاشق؛ توهان هيئر اسٽاپ تي ايڏا پريشان ڇو بيٺا اهيون.
چاچو؛ منهنجي ڌيئرن اڄ الائي ڇو دير ڪئي آهي.
عاشق؛ اوهان جو ڌيئرون ڪهڙي ڪمپني ۾ ڪم ڪنديون آهن..؟

چاچو؛ ڪينڊي لينڊ ۾.
عاشق؛ هڪ ڳالھ پڇان ناراض ته نه ٿيندا.؟

چاچو؛ پُڇو.؟

عاشق؛ اوهان پنهنجي نياڻين کي ڇو ٿا ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪرايو..ڪهڙي سبب جي ڪري..؟

چاچو؛ مونکي ڪو شوق نه آهي پنهنجي ڌيئرن کي ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪرائڻ جو...پر مجبوري آهي...منهنجون نياڻيون ڪمائي هڪ پوڙهو پيءُ ۽ هڪ پوڙهي ماءُ ۽ ٻن ننڍن ڀائرن کي پڙهائين ٿيون.

۽ مونکي فخر آهي پنهنجي نياڻين تي.

عاشق؛ اوهانکي فخر ڪهڙي ڳالھ جو آهي پنهنجي ڌيئرن تي.؟

چاچو؛ ڇا هيڏي پهاڙن جيڏي مسئلن سان منهنجو نياڻيون منهن ڏين ٿيون اهو ڪنهن فخر کان گهٽ آهي ڇا.؟

ايتري ۾ ڪمپني جي گاڏي اچي ٿي چاچو پنهنجي ڌيئرن کي گهر طرف وٺي ٿو وڃي....۽ منهنجي ذهن تي هڪ گهري سوچ ڪجھ رهيل سوال رهجي وڃن ٿا....هن سماج ۾ واقعي ۾ عورت اُها بهادر آهي جيڪا هزارين مسئلن سان منهن ڏئي ٻاهر ڪم ڪرڻ جي لاء نڪري ٿي...ڪا عورت پنهنجي ٻاهر جو پيٽ گذر ڪرڻ جي لاء ته ڪا عورت پنهنجي پوڙي پيءُ ماءُ ۽ ننڍن ڀائرن ڀينرن جو پيٽ پالڻ جي لاءِ ته ڪا عورت پنهنجي بد افعال مڙس جي بد فعل جي ڪارڻ پنهنجي ٻارن جو مستقبل سواري جي لاءِ دل وجان سان محنت ڪري ٿي.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تنهنجي دوستيءَ جي ناءُِ

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Friday, March 25, 2011

غريب نه ڄائو چڱو نه مُئو چڱو.


غريب نه ڄائو چڱو نه مُئو چڱو.

مون ڏٺو آهي ۽ اها حقيقت به آهي ته غريب هميشه خُددار ٿيندو آهي.

اسان جي سماج ۾ غريب کي ڇا ٿو سمجهو وڃي، ڪهڙي نگاھ سان ڏٺو ٿو وڃي....اُهو ڪنهن کان لڪيل يا ڳُهجو نه آهي.

غريب پورهيت جيڪڏهن اسان جي معاشري ۾ نه هجي ته تقريبن اسان جي معاشري جو سڄو ڪم ٺپ ٿي وڃي.

ڪيئن ٺپ ٿي ويندو.؟

ان جو وڏو مثال اوهان جي سامهون آهي...غريب هاري.

اسان جي سنڌ ۾ جيترا ظلم غريب سنڌين سان ٿيا آهن...اُهي شايد ئي ٻئي ڪنهن هنڌ ٿيا هجن يا ٿيندا هجن.

غريب سان ٿيل ظلم جو ڪو به اسان وٺ انگ اکر نه آهي.

اسان جي سنڌ اڳئي پوئتي...پر ان کان به وڌيڪ رکيو ويو آهي..اسان جي غريب سنڌين کي...آخر ڇو.؟

سياڻن جو پهاڪو آهي، مک هميشه سڻڀ تي ويندي آهي، اهڙي طرح اسان جو شاھي اميري تبقو....سڻڀ جي ڪڍ آهي...ان کي آس پاس ۾..غريب اڻڀا ٿا لڳن.

اوهان ڏٺو هوندو ته اميرن جي درٻارن ۾ اميرن جي ڪيتري عزت هوندي آهي، اميرن جا يار به امير ۽ امير ئي هڪ ٻئي کي هٿي ڏئي اڳتي آڻندا آهن...۽ ساڳئي ريت غريب کي پوئتي ڪندا آهن.

غريب اڪثر ڪٿي ڪٿي..احساس ڪمتري جو شڪار پڻ ٿئي ٿو.

اسان کي گهرجي ته اسان غريب پوئتي پيل هارين مزدورن

عام غريب عوام جي لاءِ ڪجھ سوچيون.

جيئن اسد چيو

امير سان ٿو جهڪي ملين
غريب کي ٿو خراب سمجهين

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Thursday, March 24, 2011

ڇڙ وڇڙ ڳالهيون











مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Tuesday, March 22, 2011

عاشقن جون نينڊون حرام


عاشقن جون نينڊون حرام ڪير ڪندا آهن..؟؟

محبوب معشوق.

پر هتي ڪجھ حالت ئي ٻئي آهي.

مونکي سنڌ سان ٿيندڙ نا انصافين ۽ سنڌي ماڻهن جي لاچاري بي وسي ڏسي ۽ ان جي ياد سمهڻ ڪون ڏئي ٿي.

ڪڏهن ڪڏهن برداشت کان ٻاهر ٿيو وڃي.

قوم پرستن تي تنقيد مولوي حضرات تي تنقيد سماجي ادارن تي تنقيد، اسان کي ٻين تي آڱريون کڻڻ ته تمام سوليون ٿيون لڳن پر اسان پاڻ ڇا آهيون...۽ ڇا ٿا ڪريون.

اهو اسان ڪڏهن به نه سوچيو آهي.

اسان هميشه انهن جا نارا هڻندا آهيون جيڪي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ وڙهندي وڙهندي مري ويا.

مر ويسون پر سنڌ نه ڏيسون

ڇا اسان انهن جي چيل ڳالهين تي ڪڏهن عمل ڪيو آهي.؟؟

انهن جي نقشي قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.؟؟

نه نه بلڪل نه اسان ذات پرستي مذهب پرستي ۾ ورهائجي...هڪ ٻئي کان سخت نفرت ڪريون ٿا.

هر روز سنڌ جي نياڻي....هتان جي جاهل رسمن جي آڙ جو شڪار ٿئي ٿي.

هر روز سنڌ جي جهولي ۾ غريب سنڌين جا لاش اُڇلايا وڃن ٿا.

آخر ڪيستائين.؟؟

آخر ڪڏهن اسان جهالت جي اوني سمنڊ مان گهوتو کائي نڪرانداسين.؟؟

آخر ڪڏهن اسان پنهنجن کي سڃاڻينداسين.؟؟

آخر ڪڏهن اسان پنهنجن سان سچا ٿينداسين.؟؟

آخر ڪڏهن اسان پنهنجن حقن وٺڻ جي لاءِ سندرو ٻڌنداسين.؟؟

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سياست ڪڏهن مذهب ته ڪڏهن قوم

هڪڙي دفعي جي ڳالھ سابه سچي

هڪ رات اسان چار دوست اونهاري جي گرميء ۾ لائيٽ نه هجڻ جي ڪري ڳوٺ وڏي اوطاق جي وڏي ميدان ۾ کٽ وجهي ويٺا هئاسين ڳالهيون ڪندا رهياسين..ڪڏهن سياست ڪڏهن مذهب ته ڪڏهن قوم پرست....ته وري ڪڏهن سنڌ ۾ ٿيندڙ ڀتاخوري...سنڌ ۾ ٿيندڙ مينهن جي چوري......جڏهن اسان جي ڳالهين جو عنوان چوريء تي آيو ته...هڪ دوست چيو يار ڪجھ ڏينهن جي ڳالھ آهي..مان ۽ مُنو ان رات.....ڪاڪي تاجل واري مڇيء جي تلاء تان چوري مڇي ماري آياسين....هتي هڪ دوست رياض چوڻ لڳو...اڙي مڇي ماري ڪاڏي ڪيو.......مُنو مڇي کپائي....سين سج نڪرڻ کان اڳ ساڍن ستن سون جي ٿي.....اڄ به اسان جو مونڊ آهي...مولو جي تلاء تان مڇي مارڻ جو....ته مونکي رياض چوڻ لڳو..عاشو ڇا پروگرام آهي.....ته مان کلڻ لڳس.....اڙي ڇورا پڪڙجي پيون ۽ گهر وارن کي خبر پئي ته....؟؟

مُنو اڙي عاشو دل ٻڌ پُٽ ڪجھ ئي نه ٿيندو ڙي....مولو...نينڊ جو گڏھ آهي...اصلي خبر ئي نه پوندس....ٻيو ته هو رات جو ٻارهين کان بعد ۾ ٿو اچي...اسان يارهين کان اڳ ئي مڇي ماري ٿا اچون........اتي مونکي دل ۾ خيال آيو...جيڪڏهن پڪڙجي پياسين...۽ بابا کي خبر پئي ته پادرن ۾ صفا مري وينداسين....خير دوستن جون ٽيڪرن ۽ دل جاين مونکي....نيٺ تيار ڪيو...اسان هڪ ٻئي سان ڊاڙون هڻندا....هڻندا..نيٺ تلاء تي وڃي پهتاسين....اُتي هيڏي هوڏي نظر ڦيرائين سين ته ڪاري وارا ڪک ۽ گدڙن جو ڪُو ڪُو لڳي پئي هُئي....اسان جلدي ۾ ڪپڙا چينج ڪري پوتڙا...ٻڌاسين ۽ کڏ ۾ ڄار سميت لهي پياسين....منهنجي خيال ۾ اسان ڪلاڪ کن ۾ ٽيھ ڪلا مڇي ماري سين....مڇي ماري اسان جلدي ۾ نڪتاسين.....سڀ ڪو وٺ پڪڙ ۾...هر ڪنهن پنهنجا پنهنجا ڪپڙا پاتا....مون به جلدي ۾ ڪپڙا پاتا....ڪپڙا پائي...مون چپل....ڏي خيال ڪيو ته چپل..لڀي ئي ڪون پئي...مون چيو مُنو کي اڙي منهنجي چپل ڪاڏي وئي...چيائين اڙي اتي هوندئي...ڏس خيال سان انڌا....مون وري به هيڏي هوڏي ڏٺو..چپل نظر نه آئي.....مان پريشان ٿي ويس....ته ڀيهان چپل ڪاڏي وئي...هاڻي مان چپل کان بغير گهر ڪيئن ويندس....آخر مان به دوستن سان گڏ...بغير چپل جي...روانو ٿي ويس....۽ دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳس..ته منهنجي چپل وئي ڪاڏي.......!!!

ڪجھ پنڌ اڳتي هلياسين...ته هڪ دوست چوڻ لڳو اڙي عاشو..تون چپل گهڻي ۾ ورتي هُئي...مون چيو ڙي...چپل ته مون پنجن سون ۾ ورتي هُئي.

هتي ٻيو دوست چوڻ لڳو...يار کڏ تي ڪوئا به ڏاڍا آهن لڳي ٿو تنهنجي چپل ڪوئا يا گدڙ کڻي ويا.

ان ڏينهن کان مون اهو پڪو پھ ڪري ڇڏيو ته..عاشق کائبو ته محنت ڪري کائبو نه ته بُک تي ڀلا آهيون.....چوري اسان کي فائدو نه پر نقصان ڏيندي......حرام حرامي کي ئي لڳندو آهي...ماري جي گهر ۾ هٽن جو ڍير...سچ ته مون انهن دوستن سان اڄ ڏينهن تائين نه ڳالهايو آهي...اڇو ٻڌ ڪاري سان رنگ ته نه مٽائيندو پر عادت ضرور مٽائيندو....ڇني ڪُتن وانگر کائڻ ۾ مزو نه آهي.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

منهنجي دل چوندي آهي





منهنجي دل چوندي آهي.

سنڌ هڪ الڳ مُلڪ هجي، جتي صرف سنڌي آباد هجن.

سنڌي سڀ هڪ ٻئي سان سڳن ڀائرن جيان هلن ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪن.

امن محبت اُخوت ڀائپي سان مالامال هجن.

هر طرف سنڌين جي گلن وانگر مهڪڻ جي مهڪ هجي…روز سنڌين جا ميلا مچل هجن…جيئن احمد مغل جو هڪ ڪلا آهي.

سنڌين جا هي ميلا

اسان سنڌين ۾ ٻيو ڪجھ به نه هجي….مذهب پارٽيون وغيره

صرف..قوميت قوم پيار محبت هجي.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>