Pages

Friday, March 4, 2011

پنهنجو رت

پنهنجو رت

سليمان وساڻ

هي انهن ڏينهن جي ڳالھ آهي جڏهن مان پنهنجي اداري ۾ تمام گهڻو مصروف هئس ، گڏجاڻيون ، وري ساليانه پلان ٺاهڻ ، ٽريننگ پلان ۽ ان جي گهربل نوٽس جي تياري ڪرڻ . ان سان گڏ هڪ وڌيڪ ذميواري انڪوائري جي هئي جيڪا هڪ واڌو ذميواري هئي. انڪوائري ڪميٽيء ۾ مونسان گڏ هڪ ٻيو غير سنڌي ميمبر هو ۽ اسان لاء ڏکي ڳاله هئي ته هڪ ئي وقت ٽي انڪوائريون ڪري رهيا هئاسين جن مان هڪ ڪوئيٽا ، هڪ لاڙڪاڻي ۽ هڪ ڪراچيء ۾ هئي، انهن لاء اسان کي ٽنهي شهرن ڏانهن وڃڻو پوندو هو ۽ ان کانسواء پنهنجي سيڪشن جو ڪم الڳ ڪرڻوپوندو هو. گهر ۾ منهنجي امڙ جي طبيعت خراب هئي ۽ ڊاڪٽرن جي مصيبت اها هئي ته هر روز هڪ نئين ٽيسٽ پئي ڪراين . امڙ جي بيماريء سبب مان گهڻو الجهيل هئس ۽ آفيس جي ڪم کي به چڱي طرح ڪونه پي ڏسي سگهيس.

ان ڏينهن تمام گهڻو سيء هو ۽ مان ايندڙ هفتي بيرون ملڪ مان ايندڙ هڪ وفد سان ميٽنگ لاء مواد تيار ڪري هيو هئس ۽ پراڻا فائيل کولي تياري ڪري رهيو هئس جو منهنجي پٽيوالي آچر هڪ ڪارڊ ٽيبل تي رکيو ، جيڪو مصروفيت سبب مان ڏٺو به ڪونه، ڪجھ گهڙين کانپوء هن مونکي ان ڪارڊ طرف ڏيان ڇڪايو ۽ چيو ته قريشي صاحب اوهان سان ملڻ ٿو چاهي ، مون کيس چيو ته في الحال ٽاري ڇڏينس ۽ چئينس ته ميٽنگ ۾ مصروف آهيان پر آچر چيو سائين اوهان ڪارڊ ته ڏسو، ڇڙٻ ڏني مانس پر ڪارڊ تي به نطر وڌم ، نالي پڙهڻ سان هڪدم ڪجھ ياد اچڻ لڳو ۽ سوچيم هن پيريء ۾ به گهران نڪتو آهي مونسان ملڻ لاء ، آخر ڇو؟ جڏهن ته هن مونسان ڪا چڱائي ڪونه ڪئي هئي ، هن پنهنجي ئي سنڌين تي چٿرون ڪيو هون. خير آچر کي چيم ته وٺي اچينس.

مونکي اهو زمانو ياد اچڻ لڳو جڏهن مان پنهنجي اداري ۾ ميرٽ تي ڀرتي ٿيو هوس منهنجي ساک اداري ۾ هڪ سٺي ۽ اڀرندڙ نوجوان طور ٿي رهي هئي هڪ ڏينهن آفيس ۾ فون آيو ته بابا جو ايڪسڊنٽ ٿيو آهي ۽ هو اسپتال ۾ آهي ۽ سندس حالت خراب آهي، مان پنهنجي ڪلارڪ کي ٻڌائي فوري طور ٽيڪسي پڪڙي سهراب ڳوٺ آيس ۽ اتان سکر جي بس ۾ ڳوٺ روانو ٿيس. منهنجي پهچڻ کان اڳ ئي بابا رب سان وڃي مليو هو ۽ مان روئندو رهيو هوس ته ڪاش بابا منهنجي اچڻ جو انتظار ڪري ها ۽ مونسان ڪجھ لفظ ڳالهائي ها. مونکي ڳوٺ ۾ ٻه هفتا لڳي ويا، افسوس ٿيو ته منهنجي آفيس مان ڪوبه ڪونه آيو ۽ جڏهن واپس آفيس پهتم ته بجاء ڪنهن آٿت ڏيڻ جي مونکي هڪ خط هٿ ۾ ڏنو ويو ته اوهان لاپراهي ڪئي آهي ۽ بغير ٻڌائڻ جي ٻه هفتا گم رهيا آهيو ، انکانسواء هڪ بيهوده قسم جو الزام به لڳايل هئو ته اوهان هتي ويهي سنڌين جي غير قانوني طور مدد ڪري رهيا آهيو ۽ اداري کي مالي نقصان پهچايو آهي !!! منهنجا ته پير ئي نڪري ويا ته هڪ ماڻهو جنهنجو پيء گذاري وڃي ان سان پنهنجو ادارو هي ڇا ڪري رهيو آهي ؟؟

خير انڪوائري ڪميٽي جي سامهون پيش ٿيڻو پيو جتي مان پنهنجي پاڻ تي لڳايل الزامن جي صفائي پيش ڪئي ته مان هر ماڻهوء جي ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهوء جي قانوني حدن ۾ رهي ڪري مدد ڪندو آهيان جيڪو منهنجو اخلاقي فرض آهي ۽ ٻيو ته منهنجي والد جي اچانڪ حادثي واري خبر مون لاء به صدمي واري هئي تنهنڪري هي ڪو وڏو الزام ناهي. قريشي صاحب ان ڪميٽيء جو اڳواڻ هو ۽ سنڌي هئڻ جي ناتي مان اها اميد ڪري رهيو هوس ته هو منهنجي مدد ڪندو پر منهنجي سڀ کان گهڻي مخالفت قريشي صاحب ئي ڪري رهيو هو. خاص ڪري سندس اهي لفظ ته سنڌي نا اهل آهن ، سنڌي غير سنجيده آهن ، سنڌي چور آهن ، سنڌي ڌاڙيل آهن ۽ سنڌي ايماندار ناهن منهنجي جيء کي جهوري رهيا هئا. مان قريشي صاحب کي گهڻا ئي ايلاز ڪيا ته اوهان سنڌي آهيو ، رت دانگيء تي به ورندو آهي اوهان ته منهنجي مدد ڪيو مونسان ناحق ٿي رهيو آهي ، اوهان هڪ سنڌي گهر اجاڙي رهيا آهيو. منهنجي هزار دليلن باوجود مونکي نوڪريء مان ڪڍڻ جو خط هٿ ۾ ڏنو وئو جنهن جو هڪ وڏو سبب منهنجو سنڌي هجڻ هو. مان جيئن تيئن ڪري ڪورٽ سان رابطو ڪيو ۽ ڪجھ سنڌي سڄڻن جي ڪوششن سان ٻيهر بحال ٿي ويس ۽ پنهنجي محنت سان ترقي ڪندو ويس ۽ اڄ منهنجو اداري ۾ هڪ خاص مقام آهي ۽ مان پراڻين ڳالهين کي وساري چڪو آهيان. مان اڄ به سنڌين جي مدد ڪرڻ ڪري مشهور آهيان پر اهو سڀ ڪجه مان قانوني ۽ اخلاقي حدن ۾ رهي ڪري ڪندو آهيان.

قريشي صاحب بلڪل پيرسن ٿي چڪو هو ۽ ملڻ وقت سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا. کيس ويهڻ جو چيم ۽ آچر کي چانھ جو ڪوپ آڻڻ جو چيم. مون قريشي صاحب کان اچڻ جو سبب پڇيو. قريشي صاحب ڏڪندڙ هٿن سان هڪ خط کيسي مان ڪڍي مون ڏانهن وڌايو ، مون خط وٺي ان کي پڙهيو ته هڪ وڌيڪ انڪوائري ٿي رهي آهي جنهن جو مان ميمبر آهيان ۽ اها انڪوائري ڪنهن کان هڪ ڪم جي بهاني ڪجھ ڪميشن وٺڻ جي آهي. قريشي صاحب چيو ته هي منهنجو پُٽ آهي ۽ کيس انڪري ڦاسايو اٿن جو هو هڪ سنڌي آهي اوهان سنڌي آهيو ، اوهان مدد ڪيو. قريشي صاحب جي واتان لفظ سنڌي ٻڌي مونکي باه وٺي وئي سخت سيء ۾ به مونکان پگهر وهڻ لڳو ۽ اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون.

مون قريشي صاحب کي چيو ته ڇا توهان کان اهي ڏينهن وسري ويا آهن جڏهن اهي ئي لفظ مان توهان جي سامهو دهرائي رهيو هو، اوهان جي اڳيان ليلائي رهيو هوس پر قريشي صاحب ڪرسيء جي نشي ۾ اوهان منهنجي قوم جي بي عزتي ڪئي هئي ۽ پاڻ سنڌين کي برو ڀلو چيو هو. قريشي صاحب هٿ ٻڌي بيهي رهيو ته برابر مان غلط ڪيو هو ۽ گهڻن سنڌين سان زيادتي ڪئي هئي مونکي معاف ڪيو ۽ منهنجي پُٽ کي به معاف ڪيو نه ته منهنجو گهر تباه ٿي ويندو. قريشي صاحب جيئن جيئن ڳالهائي رهيو هو منهنجو بلڊ پرشر وڌي رهيو هو ان کان اڳ جو مان ڪجه ڪري ويهان سندس بي عزتي ڪيان مان قريشي صاحب کي ڪمري مان اٿي وڃڻ جو چيو. هو اٿي ڏڪندڙ هٿن سان در جي طرف وڌڻ لڳو ۽ منهنجون ڳاڙهيون اکيون ڏسي گهٻرائجي ويو. الائي ڇو منهنجي رت کي ڇڪي آئي ۽ مون زور سان مڪ ديوار کي وهائي ڪڍي ، اڻ ڄاڻائيء ۾ ديوار ۾ لڳل ڪوڪو منهنجي هٿ ۾ ٽنبجي ويو ۽ رت لار ڪري وهڻ لڳو ، مون پنهنجي رت کي ڏسي قريشي صاحب کي چيو ته اوهان جي پُٽ جو ڪم ٿي ويندو هن ڪو خون ڪونه ڪيو آهي. مان هڪ سنڌي آهيان ۽ سنڌي ٿي مرڻ چاهيندس.

حوالو

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

اسان سنڌي ڏاڍا غيرت مند آهيون


اسان سنڌي ڏاڍا غيرت مند آهيون

سچ جو تاثير ڪڙوو ٿيندو آهي..پر سچ ته سچ ئي آهي..حقيقت کان منهن اسان ڪون ٿا موڙي سگهون...اسان جي معاشري ۾ عورت..گهر جي سونهن آهي..عورت ٻارن ڄڻڻ جي مشين آهي..وغيره وغيره

اسان سست ۽ قاهل آهيون...سست ۽ قاهل اُهو هوندو آهي جيڪو..پاڻ کان ڪمزور تي هٿ کڻندو آهي...ان حساب سان اسان سست قاهل ٿياسين....يا نه..؟؟

اسان سنڌي اخبار جڏهن به پڙهون ٿا...مين صفعي تي...ڪنهن عورت جي نڪ کٽڻ جي خبر آهي...ڪنهن عورت جي وار کٽڻ جي خبر آهي...ڪنهن عورت کي بيدردي سان ڪهاڙين جا وار ڪري مارڻ جي خبر آهي...ڪنهن عورت کي بندوق هڻي مارڻ جي خبر آهي..ڪنهن عورت تي تيزاب هاري ان کي ساڙڻ جي خبر آهي.. اها به ڪا انسانيت آهي.... اوهان شايد اهي ڳالهيون نوٽ ڪندا آهيو..يا نه پر مان اهو ڳالهيون نوٽ ڪندو آهيان.....ڇوته اهي ڪي معمولي ڳالهيون ته آهن ڪون جن کي پڙهي..۽ وساري ڇڏجي...چوڻ جو مقصد ته اسان سست بزدل ۽ قاهل آهيون..جو عورت تي ظلم پيا ڪريون..شل ڪارو ڪاري جي گندي رسم اسان جي سماج مان نڪري وڃي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Ashique Sola & M Ali From Madeji


ان وقت جيڪا منهنجي ڪيفيت هئي ان کي مان لفظ ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهان، اسٽيج ڊراما ٽيبلا ته ننڍي هوندي کان اسان ڏسندا آهيون، پر جيترو ڏسڻ ۽ انهن تي کلڻ سولو آهي، ان کان سئو سيڪڙو وڌيڪ اسٽيج تي چڙهي مائيڪ هٿ ۾ پڪڙڻ ڏکيو آهي.

مارچ جو مهينو هيو اسانکي اسان جي ڪمپيوٽر جي سر جيڪو اسان جو هن وقت تائين سٺو دوست ۽ رهنما آهي...ان مونکي ۽ منهنجي دوست محمد علي ميراڻي کي چيو ته اوهان سينٽر جي هن سال جي پروگرام ۾ هڪ اسٽيج ٽيبلو پيش ڪري دوستن کي کلائڻو آهي...ڇوته سر به سمجهي پيو ته هنن ۾ اُهي پاڻي آهن..اسان سينٽر ۾ جڏهن داخل ٿيندا هئاسين ته سينٽر جي شاگردن توڙي..اُستادن ۾ ٽهڪڙا مچي ويندا هئا....مان ۽ منهنجو دوست محمد علي ميراڻي..پڻ ڪڏهن به اسٽيج تي نه چڙهيو هيو...اسان کي ٺيڪ پندرنهن ڏينهن ۾ اسان کي تيار مڪمل تياري ڪري...سڀني ٽيچر جي سامهون پيش ڪرڻو هُئو.

ان کان بعد ۾ اسان کي پروگرام ۾ وڃڻو هيو...اسان تمام گهڻي محنت ڪري ان ٽيبلي جو ڏنل لائينون ياد ڪريون سين ۽ ٺيڪ ان ڏينهن تي اسان سينٽر جي سڀني شاگرد ۽ ٽيچرس جي سامهون پنهنجي ڪيل محبت پيش ڪئي....سر وارن کي ۽ شاگردن کي اسان جو ٽيبلو پسند آيو..۽ هاڻي رهي ڳالھ پروگرام ۾ اسٽيج تي هزارين ماڻهن جي سامهون ان ٽيبلي کي پيش ڪرڻ جي...ٻن ڏينهن بعد صبح جو ڊکڻ شهر ۾ پروگرام هيو..اسان اُتي پهتاسين.

۽ دل ئي دل ۾ مان ته الله کي پئي ياد ڪيو ته ياالله خير سان اسان ٽيبلو پيش ڪيون ۽ دوست ٽيبلي تي کلن پر اسان تي نه کلن.....بس خيال اهو هيوته اسان کان ياد ڪيل لائينون نه وسري وڃن...پر شڪر آ اسان لائينون اهڙيون ته ياد ڪيوسين جو اسان کان اسٽيج تي ته نه وسريون پر اڃان تائين ياد آهن

وڊيو ڏسڻ جي لاءِ ڪلڪ ڪجو

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Thursday, March 3, 2011

جانا مان توکي کلائيندو ته سٺو آهيان

جانا مان توکي کلائيندو ته سٺو آهيان
۽ مون ٻين کي کلائڻ به سٺو سکيو آهي
پر مان ايترو نه سکيو آهي، ته ٻين جي دل ۾ جڳھ ڪيئن ٺاهبي آهي..اُهو ئي سبب آهي جو تنهنجي ۽ منهنجي ساٿ کي سالن جا سال گذري ويا، پر مان تنهنجي دل ۾ پنهنجي لاءِ جڳھ نه ٺاهي سگهيس..!!1

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

JEYO Sindhi


ڪڏهن ڪـــڏهـــن سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيندڙ..نا انصافين تي دل ئي دل ۾ ڏُک ۽ پنهنجي ئي سنڌين تي ڪاوڙ به ايندي آهي، ڇوته سنڌي قوم جو وجود دنيا تي جيترو پراڻو آهي، اوترو ئي سنڌي قوم قدم بقدم پنهنجي ئي افعالن جي ڪري پوئتي پئي وڃي، اسان جيڪڏهن سوچيون ٿا ۽ چاهيون به ٿا ته سنڌ آزاد ٿئي ته ڇا هي سنڌي جيڪي اڄ هڪ ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن ته ڇا اهي سنڌ آزاد ٿيڻ کان بعد ۾ گڏجي هلندا...اڄ اسان ننڍن ننڍن ڳالهين تي وڙهي هڪ ٻئي جا خاندانن جا خاندان تباھ ڪري ڇڏيا آهن، ڇا اُهي سڀاڻي پاڻ ۾ ايڪو ۽ ٻڌي ڪري هلندا، اڄ جيڪي سنڌي هوٽل تي ويٺي ويٺي اڌ چانھ تي هڪ ٻئي جي مٿي مان رت ٿا ڪڍن ڇا اُهي سنڌي سڀاڻي گڏ ٿي هلندا..؟؟
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪاڪو آچار پيپسي بوتل جو ديوانو۔..۽ عاشق به آ سياڻو

هڪڙي دفعي..جي ڳالھ مان اوهانکي کي ٻڌايان..؟؟؟

هڪ دفعي اسانکي ڪاڪي آچار تيار ڪيو پڪنڪ تي هلڻ جي لاءِ.....مان رنجيت سنڱت...درويش....۽ ڪجھ ٻيا به دوست هئا....انهن جا نالا نه ٿو کڻا....اسان پڪنڪ تي وياسين.....پر اُستاد ڪاڪي آچار جي دهشت ۾ اسان کان پيپسي گهر وسري وئي.....اُتي جڏهن سموسن کائڻ جو ٽائيم ٿيو ته.....اُستاد حڪم ڪيو ته با مان سمبوسي جي مٿان..پيپسي يا ڪولا ڪالا بوتل پيئندو آهيان......سڀني مٿي تي هٿ گهمائي...چيو اڙي ڏٺئي...بوتل ته اُتي اوطاق تي وساري آياسين....ابا اُتي اُستاد جو منهن صفا ڪاوڙ ۾ ڪارو ٿي ويو....اوو سوري ڳاڙهو ٿي ويو.....هاڻي درويش ڏسي موڏي ته مان ڏسان رام رکي پپو چري ڏي.......پيا هڪ ٻئي کي ڏسون...ته ڪير ٿو وڃي بوتل وٺڻ...مونکي ته اڳئي ئي خبر هئي...ته اهو ڪهاڙو منهنجي مٿان ڪرندو....سو نيٺ درويش...پپو چري جي کيسي ۾ هٿ هڻي ڳاڙهو نوٽ ڪڍيو....ڇوته اسان جي استاد ڪاڪي آچار وٺ....پيسا ڪون هئا....هنن چيو وڃ عاشق ڊُڪندو وڃي بوتل وٺي اچ.....مونکي دل ۾ خيال آيو ته هي ته ڪن ٿا مونسان سياڻپ...جيئين عاشق کي بوتل وٺڻ جي لاءِ موڪليون پوئيان سڀ سمبوسا...کائي چٽ ڪريون...مان به هُيم ته هنن سڀني کان ننڍو...پر هنن کان سياڻو ڪجھ سرس هيس...مان هنن سان هڪ شرط رکيو......ته مان هڪ شرط تي بوتل وٺڻ ويندس....چيائون ڪهڙي...؟؟؟
مون چيو ته مان بوتل وٺڻ وڃان ته...اوهان واعدو ڪيو ته اسان سمبوسا نه کائينداسين....هنن سائين هم نه تم ڪري نڪ تي هٿ گهمايو.......چيائون واعدو آ..اسان نه کائينداسين..........................ما ن چيو ڏسان ته مڙس..واعدي جا پڪا آهن يا.............نه.....مان به ڀرسان وڻ جي اوٽ ٿي ويهي رهيس.....هنن جو ڳالهيون ويٺو ٻڌان پيو......نيٽ شام جا جڏهن پنجن ٿيا..تڏهن همراھن کي اچي...لڳي ته ڀيهان عاشق..ته اسان سان ڪري ويو ٽوپي ڊرامو.....نيٺ هنن سمبوسا کائڻ شروع ڪيان....ته مان وڻ جي اوٽ مان نڪري چيو...يار پپو ائين ڪندي ته پوءِ مان نه ويندس بوتل وٺڻ
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Sunday, February 20, 2011

Shaik Ayaz's Poetry



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>