Wednesday, February 9, 2011
Tuesday, February 8, 2011
ustad bukhari poetry
Posted by
Ashique Solangi





ڪير آهي ٿو ماحول سڄو بدلائي،
ڪير آهي جو هر ذرو ذرو بلائي،
آ حضرت ــ انسان هي، آهي ڪوئي!
هن کي به نئين شان سان انسان!
ڪنهن کي آهه همالي جي ڪئي سر چوٽي،
ڪير آھه خلا مان ٿو اچي پيو موٽي،
هي حضرت ــ انسان آ، هن ئي آهن،
دنيا جي تباھي لئه وڏي کڏ کوٽي،
ڪير آھه ٿو نانگن کي نچڻ سيکاري،
ڪير آهي ٿو لوھن کي ڊُڪڻ سيکاري،
هن کي به ته انسان؛ ٿيڻ سيکاري،
ڪير آهي ٿو پاڻي جي عيوض مني ڏوڪي،
ڪير آھه ٿو اخلاق جو راهون روڪي،
آ حضرت ــ انسان هي، آهي ڪوئي،
هن کي به چوي سچ ۽ منهن تي ٽوڪي.