Pages

Saturday, August 13, 2011

اسان ڳوٺاڻا

اڄ صبح بار بار بابا سائين جن جو فون اچي رھيو ھو، رات دير سان سمھڻ جي ڪري ڀلا ڪٿان ٿي صبح ستين بجين جاڳ ٿئي.؟
پر اڳيان فون ڪندڙ ڪو واندو دوست به نه ھو ته ڪال بزي ڪري ڇڏيان.!
نه ڪال بزي پيو ڪريان ۽ نه ئي رسيو.
نيٺ بابا جي بار بار ڪال مونکي پريشان ڪري ڇڏيو مان سستي کي ڇڏي ڪال رسيو ڪئي ۽ پنھنجي نڀاڳي اسٽائيل ۾ ھيلو ڪئي.
بابا جن جي ڳالھائڻ ۾ لڳي رھيو ھو ته ھو ڪاوڙ ۾ آھن.....۽ ڪاوڙ ۾ ڪال رسيو نه ڪرڻ جو سبب پُڇيائون.؟
مان ڪوڙ جو سھارو وٺندي بابا جن کي چيو بابا معاف ڪجو مان واش روم ۾ ھيس، بابا جن جلدي ئي ھن ڳالھ کي نظر انداز ڪندي پنھنجي ڳوٺاڻي انداز ۾ مخاطب ٿيندي چيو،
عاشق..!! مبارڪ ٿئي،
مان حيران ٿي پُڇيس،
بابا ڇا جي مبارڪ.؟
چيائين ڙي مينھن ويائي ٿئي،
مان بابا کي خير مبارڪ چوندي ڏاڍو خوش ٿيس ۽ بابا جن کان پُڇيو بابا ڇا ڏنائين؟ بابا وراڻيو وش (في ميل)....ان ٽائيم چھري تي مُرڪ اچي وئي......تڏھن مون چيو (اسان ڳوٺاڻا)
بابا جن رمضان ۽ ڪراچي جي حالات جي باري ۾ پُڇندي عيد تي ڳوٺ اچڻ جو چوندي ڪال بند ڪئي.

دوستو..!! ڳوٺ جا ماڻھون مالوند ۽ مال سان ايترو پيار ڪندا آھن جيئن پيءُ ماءُ پنھنجي اولاد سان، ڪنھن به جانور جي بيماري موت وغيره ھنن کي ڏاڍو صدمو رسائيندو آھي.
مان پنھنجي زندگيء ۾ ھيئر تائين ايترو ڪڏھن به ڪون رُنو ھيس جيترو ان رات مينھن جي چوري ٿيڻ تي رُنو ھيس، شايد ئي اُھا رات مونکان وسري.!!1

اسان جي ڳوٺن ۾ مينھن، ڳئون، ٻڪري، رڍ ايتري قدر جو گڏھن جي به چوري عام جام آھي، ۽ ڳوٺ ۾ جيڪڏھن وس واري جي چوري ٿئي به ونڃي ته ڪجھ ئي ڏينھن ۾ واپس.
پر غريب جي مينھن، ڳئون، ٻڪري ۽ رڍ يا گھر جو سامان چوري ٿئي.....ته غريب اھا پڪ ڪري گھر ويھي رھندو آھي ته ڪجھ به نه ٿيندو.


0 comments :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔