Pages

Friday, February 11, 2011

Poetry of Ibraheem Munshi


ابراهيم منشي

سنڌ سستي ٿي وڪامي، نت نئين نيلام ۾،
ڪڏهن ڪهڙي نام ۾ ۽، ڪڏهن ڪهڙي نام ۾،

لاڙڪاڻي جا ليڊر، وات ڦاڙيو واڪ ڪن،
ڌوڙ ڌوڪي ۾ ڌڻولي، ڌاريان هت ڌاڪ ڪن،
چيريو سي چچريو، سانگين جا سينا چاڪ ڪن،
اوپرن آزاريون، آهُون اباڻن عام ۾!

ڪوڏيا ڪُرسيءَ سندا ۽، قوم جا قاتل قريب،
هر زمان رهبر مليا هن، قوم کي رهزن رقيب،
جج ٿيا جلاد هت رت، رات ڏينهن روئي نصيب،
ڪنهن وڌي ڪرسيءَ جي ڪارڻ، قوم قتل عام ۾!

پنهنجي ٻولي ٻوليون، تان گُرز ڀالا گوليون،
چَپ چُري ڄيرو ٻري، دل درد ڪنهن سان کوليون،
خون مارن جي منجھان هت، کيڏجن ٿيون هوليون،
قوم جا قاتل ٿا ڏسجن، عيش ۽ آرام ۾

0 comments :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔