Pages

Friday, March 4, 2011

پنهنجو رت

پنهنجو رت

سليمان وساڻ

هي انهن ڏينهن جي ڳالھ آهي جڏهن مان پنهنجي اداري ۾ تمام گهڻو مصروف هئس ، گڏجاڻيون ، وري ساليانه پلان ٺاهڻ ، ٽريننگ پلان ۽ ان جي گهربل نوٽس جي تياري ڪرڻ . ان سان گڏ هڪ وڌيڪ ذميواري انڪوائري جي هئي جيڪا هڪ واڌو ذميواري هئي. انڪوائري ڪميٽيء ۾ مونسان گڏ هڪ ٻيو غير سنڌي ميمبر هو ۽ اسان لاء ڏکي ڳاله هئي ته هڪ ئي وقت ٽي انڪوائريون ڪري رهيا هئاسين جن مان هڪ ڪوئيٽا ، هڪ لاڙڪاڻي ۽ هڪ ڪراچيء ۾ هئي، انهن لاء اسان کي ٽنهي شهرن ڏانهن وڃڻو پوندو هو ۽ ان کانسواء پنهنجي سيڪشن جو ڪم الڳ ڪرڻوپوندو هو. گهر ۾ منهنجي امڙ جي طبيعت خراب هئي ۽ ڊاڪٽرن جي مصيبت اها هئي ته هر روز هڪ نئين ٽيسٽ پئي ڪراين . امڙ جي بيماريء سبب مان گهڻو الجهيل هئس ۽ آفيس جي ڪم کي به چڱي طرح ڪونه پي ڏسي سگهيس.

ان ڏينهن تمام گهڻو سيء هو ۽ مان ايندڙ هفتي بيرون ملڪ مان ايندڙ هڪ وفد سان ميٽنگ لاء مواد تيار ڪري هيو هئس ۽ پراڻا فائيل کولي تياري ڪري رهيو هئس جو منهنجي پٽيوالي آچر هڪ ڪارڊ ٽيبل تي رکيو ، جيڪو مصروفيت سبب مان ڏٺو به ڪونه، ڪجھ گهڙين کانپوء هن مونکي ان ڪارڊ طرف ڏيان ڇڪايو ۽ چيو ته قريشي صاحب اوهان سان ملڻ ٿو چاهي ، مون کيس چيو ته في الحال ٽاري ڇڏينس ۽ چئينس ته ميٽنگ ۾ مصروف آهيان پر آچر چيو سائين اوهان ڪارڊ ته ڏسو، ڇڙٻ ڏني مانس پر ڪارڊ تي به نطر وڌم ، نالي پڙهڻ سان هڪدم ڪجھ ياد اچڻ لڳو ۽ سوچيم هن پيريء ۾ به گهران نڪتو آهي مونسان ملڻ لاء ، آخر ڇو؟ جڏهن ته هن مونسان ڪا چڱائي ڪونه ڪئي هئي ، هن پنهنجي ئي سنڌين تي چٿرون ڪيو هون. خير آچر کي چيم ته وٺي اچينس.

مونکي اهو زمانو ياد اچڻ لڳو جڏهن مان پنهنجي اداري ۾ ميرٽ تي ڀرتي ٿيو هوس منهنجي ساک اداري ۾ هڪ سٺي ۽ اڀرندڙ نوجوان طور ٿي رهي هئي هڪ ڏينهن آفيس ۾ فون آيو ته بابا جو ايڪسڊنٽ ٿيو آهي ۽ هو اسپتال ۾ آهي ۽ سندس حالت خراب آهي، مان پنهنجي ڪلارڪ کي ٻڌائي فوري طور ٽيڪسي پڪڙي سهراب ڳوٺ آيس ۽ اتان سکر جي بس ۾ ڳوٺ روانو ٿيس. منهنجي پهچڻ کان اڳ ئي بابا رب سان وڃي مليو هو ۽ مان روئندو رهيو هوس ته ڪاش بابا منهنجي اچڻ جو انتظار ڪري ها ۽ مونسان ڪجھ لفظ ڳالهائي ها. مونکي ڳوٺ ۾ ٻه هفتا لڳي ويا، افسوس ٿيو ته منهنجي آفيس مان ڪوبه ڪونه آيو ۽ جڏهن واپس آفيس پهتم ته بجاء ڪنهن آٿت ڏيڻ جي مونکي هڪ خط هٿ ۾ ڏنو ويو ته اوهان لاپراهي ڪئي آهي ۽ بغير ٻڌائڻ جي ٻه هفتا گم رهيا آهيو ، انکانسواء هڪ بيهوده قسم جو الزام به لڳايل هئو ته اوهان هتي ويهي سنڌين جي غير قانوني طور مدد ڪري رهيا آهيو ۽ اداري کي مالي نقصان پهچايو آهي !!! منهنجا ته پير ئي نڪري ويا ته هڪ ماڻهو جنهنجو پيء گذاري وڃي ان سان پنهنجو ادارو هي ڇا ڪري رهيو آهي ؟؟

خير انڪوائري ڪميٽي جي سامهون پيش ٿيڻو پيو جتي مان پنهنجي پاڻ تي لڳايل الزامن جي صفائي پيش ڪئي ته مان هر ماڻهوء جي ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهوء جي قانوني حدن ۾ رهي ڪري مدد ڪندو آهيان جيڪو منهنجو اخلاقي فرض آهي ۽ ٻيو ته منهنجي والد جي اچانڪ حادثي واري خبر مون لاء به صدمي واري هئي تنهنڪري هي ڪو وڏو الزام ناهي. قريشي صاحب ان ڪميٽيء جو اڳواڻ هو ۽ سنڌي هئڻ جي ناتي مان اها اميد ڪري رهيو هوس ته هو منهنجي مدد ڪندو پر منهنجي سڀ کان گهڻي مخالفت قريشي صاحب ئي ڪري رهيو هو. خاص ڪري سندس اهي لفظ ته سنڌي نا اهل آهن ، سنڌي غير سنجيده آهن ، سنڌي چور آهن ، سنڌي ڌاڙيل آهن ۽ سنڌي ايماندار ناهن منهنجي جيء کي جهوري رهيا هئا. مان قريشي صاحب کي گهڻا ئي ايلاز ڪيا ته اوهان سنڌي آهيو ، رت دانگيء تي به ورندو آهي اوهان ته منهنجي مدد ڪيو مونسان ناحق ٿي رهيو آهي ، اوهان هڪ سنڌي گهر اجاڙي رهيا آهيو. منهنجي هزار دليلن باوجود مونکي نوڪريء مان ڪڍڻ جو خط هٿ ۾ ڏنو وئو جنهن جو هڪ وڏو سبب منهنجو سنڌي هجڻ هو. مان جيئن تيئن ڪري ڪورٽ سان رابطو ڪيو ۽ ڪجھ سنڌي سڄڻن جي ڪوششن سان ٻيهر بحال ٿي ويس ۽ پنهنجي محنت سان ترقي ڪندو ويس ۽ اڄ منهنجو اداري ۾ هڪ خاص مقام آهي ۽ مان پراڻين ڳالهين کي وساري چڪو آهيان. مان اڄ به سنڌين جي مدد ڪرڻ ڪري مشهور آهيان پر اهو سڀ ڪجه مان قانوني ۽ اخلاقي حدن ۾ رهي ڪري ڪندو آهيان.

قريشي صاحب بلڪل پيرسن ٿي چڪو هو ۽ ملڻ وقت سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا. کيس ويهڻ جو چيم ۽ آچر کي چانھ جو ڪوپ آڻڻ جو چيم. مون قريشي صاحب کان اچڻ جو سبب پڇيو. قريشي صاحب ڏڪندڙ هٿن سان هڪ خط کيسي مان ڪڍي مون ڏانهن وڌايو ، مون خط وٺي ان کي پڙهيو ته هڪ وڌيڪ انڪوائري ٿي رهي آهي جنهن جو مان ميمبر آهيان ۽ اها انڪوائري ڪنهن کان هڪ ڪم جي بهاني ڪجھ ڪميشن وٺڻ جي آهي. قريشي صاحب چيو ته هي منهنجو پُٽ آهي ۽ کيس انڪري ڦاسايو اٿن جو هو هڪ سنڌي آهي اوهان سنڌي آهيو ، اوهان مدد ڪيو. قريشي صاحب جي واتان لفظ سنڌي ٻڌي مونکي باه وٺي وئي سخت سيء ۾ به مونکان پگهر وهڻ لڳو ۽ اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون.

مون قريشي صاحب کي چيو ته ڇا توهان کان اهي ڏينهن وسري ويا آهن جڏهن اهي ئي لفظ مان توهان جي سامهو دهرائي رهيو هو، اوهان جي اڳيان ليلائي رهيو هوس پر قريشي صاحب ڪرسيء جي نشي ۾ اوهان منهنجي قوم جي بي عزتي ڪئي هئي ۽ پاڻ سنڌين کي برو ڀلو چيو هو. قريشي صاحب هٿ ٻڌي بيهي رهيو ته برابر مان غلط ڪيو هو ۽ گهڻن سنڌين سان زيادتي ڪئي هئي مونکي معاف ڪيو ۽ منهنجي پُٽ کي به معاف ڪيو نه ته منهنجو گهر تباه ٿي ويندو. قريشي صاحب جيئن جيئن ڳالهائي رهيو هو منهنجو بلڊ پرشر وڌي رهيو هو ان کان اڳ جو مان ڪجه ڪري ويهان سندس بي عزتي ڪيان مان قريشي صاحب کي ڪمري مان اٿي وڃڻ جو چيو. هو اٿي ڏڪندڙ هٿن سان در جي طرف وڌڻ لڳو ۽ منهنجون ڳاڙهيون اکيون ڏسي گهٻرائجي ويو. الائي ڇو منهنجي رت کي ڇڪي آئي ۽ مون زور سان مڪ ديوار کي وهائي ڪڍي ، اڻ ڄاڻائيء ۾ ديوار ۾ لڳل ڪوڪو منهنجي هٿ ۾ ٽنبجي ويو ۽ رت لار ڪري وهڻ لڳو ، مون پنهنجي رت کي ڏسي قريشي صاحب کي چيو ته اوهان جي پُٽ جو ڪم ٿي ويندو هن ڪو خون ڪونه ڪيو آهي. مان هڪ سنڌي آهيان ۽ سنڌي ٿي مرڻ چاهيندس.

حوالو

0 comments :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔