Pages

Tuesday, April 5, 2011

My dear Ali Solangi

منهنجو ننڍپڻ جو دوست ۽ ساٿي سئوٽ (ڪزن) علي ڏنو سولنگي.

جيڪو هن وقت پاڪستان جي آرمي ۾ آهي،،ڇوته هن کي ننڍي لاءِ کان فوجي ٿيڻ جو شوق هيو...اٺين ۾ اسان جُو سر هر هڪ کان سوال پڇي رهيو هيو ته اوهان وڏا ٿي ڇا ٿيندا...ان تي هن اُٿي بيهي پنهنجي سر کي جواب ڏنو هيو ته مان وڏو ٿي فوجي ٿيندس...ننڍي هوندو جو خواب ۽ شوق هن شادي ڪرڻ کان بعد نيٺ پورو ڪيو.

اڄ هن جي ياد پئي اچي....هن سان گڏ گذاريل ننڍپڻ جو شرارتون..مونکي جيئڻ جو سهارو ڏينديون آهن..مان هن کي پيار مان چريو چوندو آهيان..پر ڪڏهن هن مونکي ائين نه چيو ته تون مونکي چريو نه چوندو ڪر.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Friday, April 1, 2011

هڪ ته بيمار ٻيو ته گهر جو ڪم ڪار

هو ويچاري....هڪ ته بيمار ٻيو ته گهر جو ڪم ڪار

هُن جا ٻار جن جو تعداد درزن کان به مٿي آهي..هُن کي ڏاڍو تنگ ڪري رهيا هئا

مٿان ماني تيار ڪرڻ جو وقت به اچي وڃي ٿو...۽ مڙس جو ٻنيءَ تان موٽڻ جو به ٽائيم ٿي وڃي ٿو، مڙس هُن کي روب ۽ دبدبي جي مونڊ ۾ چئي ٿو سڪينه ماني ڏي....ويچاري سڪينه ۾ ته اها به همٿ نه آهي ته پنهنجي ور کي جواب ڏئي سگهي..سڪينه جي وڏي نياڻي پيءُ کي چئي ٿي بابا امان ماني نه پچائي آهي.....تڏهن سڪينه جي مڙس کي ڪاوڙ اچي ٿي...۽ ڪاوڙ ۾ سڪينه تي هڪ زوردار وار ڪوڏر جو ٿو ڪري ۽ سڪينه ويچاري اڳئي....ڪمزور جسم جي عورت جنهن ۾ رت ته موجود بلڪل نه هجڻ جي برابر هئي.....پٽ تي فتڪندي ساھ ڏئي ٿي...هي هڪ حقيقت آهي..سنڌي سڪينه جي..جيڪا پنهنجي ور جي هٿان شهيد ٿئي ٿي...اهڙيون روز ڪيتريون سڪينه روز اسان جي سنڌي پيپر جي مين صفي تي هونديون آهن

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>