Sunday, February 20, 2011
Thursday, February 17, 2011
Friday, February 11, 2011
Poetry of Ibraheem Munshi
Posted by
Ashique Solangi
ابراهيم منشي سنڌ سستي ٿي وڪامي، نت نئين نيلام ۾، ڪڏهن ڪهڙي نام ۾ ۽، ڪڏهن ڪهڙي نام ۾، لاڙڪاڻي جا ليڊر، وات ڦاڙيو واڪ ڪن، ڌوڙ ڌوڪي ۾ ڌڻولي، ڌاريان هت ڌاڪ ڪن، چيريو سي چچريو، سانگين جا سينا چاڪ ڪن، اوپرن آزاريون، آهُون اباڻن عام ۾! ڪوڏيا ڪُرسيءَ سندا ۽، قوم جا قاتل قريب، هر زمان رهبر مليا هن، قوم کي رهزن رقيب، جج ٿيا جلاد هت رت، رات ڏينهن روئي نصيب، ڪنهن وڌي ڪرسيءَ جي ڪارڻ، قوم قتل عام ۾! پنهنجي ٻولي ٻوليون، تان گُرز ڀالا گوليون، چَپ چُري ڄيرو ٻري، دل درد ڪنهن سان کوليون، خون مارن جي منجھان هت، کيڏجن ٿيون هوليون، قوم جا قاتل ٿا ڏسجن، عيش ۽ آرام ۾ |
Wednesday, February 9, 2011
Tuesday, February 8, 2011
ustad bukhari poetry
Posted by
Ashique Solangi
ڪير آهي ٿو ماحول سڄو بدلائي،
ڪير آهي جو هر ذرو ذرو بلائي،
آ حضرت ــ انسان هي، آهي ڪوئي!
هن کي به نئين شان سان انسان!
ڪنهن کي آهه همالي جي ڪئي سر چوٽي،
ڪير آھه خلا مان ٿو اچي پيو موٽي،
هي حضرت ــ انسان آ، هن ئي آهن،
دنيا جي تباھي لئه وڏي کڏ کوٽي،
ڪير آھه ٿو نانگن کي نچڻ سيکاري،
ڪير آهي ٿو لوھن کي ڊُڪڻ سيکاري،
هن کي به ته انسان؛ ٿيڻ سيکاري،
ڪير آهي ٿو پاڻي جي عيوض مني ڏوڪي،
ڪير آھه ٿو اخلاق جو راهون روڪي،
آ حضرت ــ انسان هي، آهي ڪوئي،
هن کي به چوي سچ ۽ منهن تي ٽوڪي.