Pages

Friday, November 18, 2011

Sindhi culture (Ashique Solngi PiC)





مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Wednesday, November 2, 2011

Learn to live for others

حق وٺڻ جي جيڪڏھن اسان ڳالھ ڪريون ٿا ته اسان کان اھو وسري ٿو ونڃي ته اسان ڪيترا حق پرست آھيون، اسان ڪڏھن سوچيو به نه آھي ته آخر ڇوٿو اسان ناحق ملي؟
اسان پيٽ جا پوڄاري (پرست) رات جو پنھنجو پيٽ ڀري سمھندا آھيون، ڪڏھن اسان پاڙي وارن غريبن کي خالي دلجاءِ به نه ڏني آھي، ڇوته اسان وٽ ٽائيم ئي نه آھي (ٽائيم از مني) جا حامي ڏيکاء پرست آھيون.

اسان پنھنجي لاءِ جيئندا آھيون نه ڪي ٻين لاءِ مرندا آھيون.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Wednesday, August 24, 2011

سيد صاحب جي لکيل ڪجهه ڪتابن جا نالا

سيد صاحب جي لکيل ڪجهه ڪتابن جا نالا

(1) پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني ــــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي آهي مگر اها ڪهاڻي مڪمل ناهي.

(2) جنب گذاريم جن سين ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي هم عصر سياستدانن، عالمن، اديبن ويجهن زميدارن، ۽ پنهنجي دوستن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. تمام معلوماتي ۽ تاريخي ڪتاب آهي، اگر اهيو ڪتاب توهان نيٽ تي پڙهڻ چاهيو ته ان لاء پڻ هيٺ هڪ لنڪ ڏيان ٿو، توهان اتان اهيو ڪتاب پڙهي سگهو ٿا۔

(3) سنڌ جا سورما ـــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب سنڌ جي بهادر سورمن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي لنڪ پڻ مون هيٺ ڏني آهي ۽ توهان اتان پڙهي سگهو تا،

(4)سنڌي ڪلچر ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب سنڌ جي رهڻي ڪهڻي طور طريقن ۽ رسمن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهنجي پڻ لنڪ هيٺ ڏنل آهي.

(5) ون يونٽ جي ڪهاڻي ــــ ايوب دور ۾ سنڌ جو نالو ختم ڪري ون يونٽ قائم ڪيو ويو هو ، هن لتاب ۾ ان ون يونٽ جو ذڪر آهي.

(6) خطبات سيد ــــ هن ۾ سيد صاحب جون تقريرون ڏنل آهن.
(7) پيغام لطيف ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب شاه صاحب جي شاعري جي روشني ۾ حبالوطني جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي لنڪ پڻ هيٺ ڏنل آهي توهان لنڪ ڪلڪ ڪري اهو ڪتاب پڙهي سگهو ٿا.

(8) ديارِدل ۽ داستان محبت ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي محبت جا قصا ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن سيد صاحب جي بقول ته ٽن عورتن سان محبت جا قصا ٿيا، ۽ انهن جو ذڪر به هن ڪتاب ۾ موجود آهي، ۽ ان کان علاوه هن ڪتاب ۾ اهي محبت وارا خط پڻ ڏنا ويا آهن، ۽ تمام سهڻي نموني سان هن ڪتاب کي لکيو ويو آهي، محبت جو داستان لڱندي لکندي سيد صاحب شاه سائين جا شعر،۽ بيت اهڙا ته فٽ ڪيا آهن جو پڙهندين پڙهندي پڙهندڙ جي ڪيفيت به عجيب ٿئو وڃي، توهان کي ڪڏهن موقعو مليو ته اهيو ڪتاب ضرور پڙهجو.

(09) سنڌ جي بمبئيء کان آزادي ـــ 1936ع ڌاري سنڌ کي آزاد ڪيو ويو، ۽ ان آزادي جو ذڪر سيد صاحب هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي.
(10)نئين سنڌ لاء جدوجهد ــ.........................................

(11)سنڌوء جي ساڃاه ـــ ٻن جلدن ــــ ..............................
(12) موجوده سياسي مسئلا ـــــ ........................................
(13) سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاء ؟ ـــ .......................................

(14) جديد سياست جا نورتن ــــــ ......................................
چونڊ سياسي مضمون ـــــ .........................................
(15) ههڙا هاڃا ٿين ـــــ........................................ ................

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Sunday, August 14, 2011

g m syed

جي ايم سيد جنھن کي اسان رھبر چوندي دير ئي نه ڪندا آھيون، پر ڇا ان جي ڪيل ھر ڳالھ تي اسان عمل ڪندا آھيو.؟
نه بلڪل به نه...ڇوته اسان اڃان جي ايم سيد کي سھي نموني پڙھيو ۽ سمجھيو ئي نه آھي اسان وٽ ٽائيم ڪٿي آ.؟
اسان اڄ ڪل جي قوم پرستن جي پوٺيان ڊُڪي ڊُڪي ٿڪجي ٿا پئون......۽ انھن جي پرچار ۾ مصروف آھيون....ھر قوم پرست جي تصوير سان گڏ جي ايم سيد جي تصوير لڳل آھي....انھن کان پُڇو ته سھين........ته اوھان جي ايم سيد جي فڪر تي ھلندي سنڌ جي آزاديءَ واري جھدوجھد کي ڪيترو مضبوط ڪيو آ.......پڪ ڄاڻو ته ھي سڀ ڊراما آھن سنڌي قوم کي بيوقوف بنائڻ جا......جي ايم جي فڪر جو اُبتڙ استعمال ڇا اوھان جي ضمير کي ملامت نه ٿو ڪري....اگر نه ٿو ڪري ته اوھان به ڊرامي باز آھيون...جيڪڏھن ڪري ٿو ته ملي ڪري آواز اُٿاريون.
مون ۾ لکڻ جي سگھ ته گھڻي آھي، پر لفظ ساٿ ئي نه ٿا ڏين ته ڇا لکان.؟
جيڪڏھن اوھان پنھنجن پنھنجن پنھنجن قوم پرست ليڊرن کي پڏائڻ ئي ايمان جو جُز ٿا سمجھو ته اسان کي ڪوبه اعتراز نه آھي.....گھٽ ۾ گھٽ سيد جو ڪجھ خيال ڪريو.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Saturday, August 13, 2011

اسان ڳوٺاڻا

اڄ صبح بار بار بابا سائين جن جو فون اچي رھيو ھو، رات دير سان سمھڻ جي ڪري ڀلا ڪٿان ٿي صبح ستين بجين جاڳ ٿئي.؟
پر اڳيان فون ڪندڙ ڪو واندو دوست به نه ھو ته ڪال بزي ڪري ڇڏيان.!
نه ڪال بزي پيو ڪريان ۽ نه ئي رسيو.
نيٺ بابا جي بار بار ڪال مونکي پريشان ڪري ڇڏيو مان سستي کي ڇڏي ڪال رسيو ڪئي ۽ پنھنجي نڀاڳي اسٽائيل ۾ ھيلو ڪئي.
بابا جن جي ڳالھائڻ ۾ لڳي رھيو ھو ته ھو ڪاوڙ ۾ آھن.....۽ ڪاوڙ ۾ ڪال رسيو نه ڪرڻ جو سبب پُڇيائون.؟
مان ڪوڙ جو سھارو وٺندي بابا جن کي چيو بابا معاف ڪجو مان واش روم ۾ ھيس، بابا جن جلدي ئي ھن ڳالھ کي نظر انداز ڪندي پنھنجي ڳوٺاڻي انداز ۾ مخاطب ٿيندي چيو،
عاشق..!! مبارڪ ٿئي،
مان حيران ٿي پُڇيس،
بابا ڇا جي مبارڪ.؟
چيائين ڙي مينھن ويائي ٿئي،
مان بابا کي خير مبارڪ چوندي ڏاڍو خوش ٿيس ۽ بابا جن کان پُڇيو بابا ڇا ڏنائين؟ بابا وراڻيو وش (في ميل)....ان ٽائيم چھري تي مُرڪ اچي وئي......تڏھن مون چيو (اسان ڳوٺاڻا)
بابا جن رمضان ۽ ڪراچي جي حالات جي باري ۾ پُڇندي عيد تي ڳوٺ اچڻ جو چوندي ڪال بند ڪئي.

دوستو..!! ڳوٺ جا ماڻھون مالوند ۽ مال سان ايترو پيار ڪندا آھن جيئن پيءُ ماءُ پنھنجي اولاد سان، ڪنھن به جانور جي بيماري موت وغيره ھنن کي ڏاڍو صدمو رسائيندو آھي.
مان پنھنجي زندگيء ۾ ھيئر تائين ايترو ڪڏھن به ڪون رُنو ھيس جيترو ان رات مينھن جي چوري ٿيڻ تي رُنو ھيس، شايد ئي اُھا رات مونکان وسري.!!1

اسان جي ڳوٺن ۾ مينھن، ڳئون، ٻڪري، رڍ ايتري قدر جو گڏھن جي به چوري عام جام آھي، ۽ ڳوٺ ۾ جيڪڏھن وس واري جي چوري ٿئي به ونڃي ته ڪجھ ئي ڏينھن ۾ واپس.
پر غريب جي مينھن، ڳئون، ٻڪري ۽ رڍ يا گھر جو سامان چوري ٿئي.....ته غريب اھا پڪ ڪري گھر ويھي رھندو آھي ته ڪجھ به نه ٿيندو.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Friday, August 5, 2011

Ashique Solangi (منھنجا خيال)








مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Friday, July 8, 2011

تيمور جو خواب هيو ته مونکي ڪراچي ۾ گهر هجي


تيمور جو خواب هيو ته مونکي ڪراچي ۾ گهر هجي

تيمور اڄ ڏاڍو خوش هُيو، هن جي خوشيءِ جو ڪو خاص سبب نه هو
تيمور کي پنهنجي آفيس وارن موٽر سائيڪل ڏني هُئي آفيس اچڻ وڃڻ جي لاءِ
تيمور چوويھن سالن جو نوجوان جنهن جي سر تي ننڍي هوندي کان بار بئجي ويا هئا......تيموروالدين جو اڪيلو پٽ ۽ پنجن ڀينر جو اڪيلو ڀاءُِ هُيو نهايت شريف ۽ ذميوار هو ننڍي هوندي کان وٺي هُيو، جيئن جيئن تيمور وڏو ٿيندو ويو تيئن تيئن هن جي ڪلھي تي بار وڌندا ويا.

تيمور جڏهن پنجن سالن جو اڃان مس ٿيو ته سندس والد وفات ڪري ويو.
تيمور جو خواب هيو ته مونکي ڪراچي ۾ گهر هجي.....۽ مان ڪراچي ۾ ڪجھ نه ڪجھ ڪيان.
جيئن منهنجو ۽ منهنجي گهر وارن جو وقت سٺو گذري تيمور ڳوٺ واري زمين وڪڻي ڪراچي ۾ هڪ سٺو گهر ورتو.

ڪجھ دوستن جي مدد سان تيمور کي ڪراچي ۾ هڪ پرائيويٽ ڪمپني ۾ نوڪري ملي ويندي آھي، ۽ ھو روز ڪمپنيءِ مان ڪم ڪري شام جو واپس ٿيندو آھي
وقت پنهنجي تيز رفتار سان هلي رھيو هو..........
تيمور جي وڏي ڀيڻ شازيه جي ڪجھ ڏينهن ۾ شادي ٿيڻ واري هُئي، تيمور پنهنجي پيڻ جي شاديء ۾ ڏاڍو مصروف هُيو.
صبح جو ڃڄ اچڻي هئي تيمور ان حوالي سان ڊيڪوريشن وارن سان ڳالهائڻ جي لاءِ گهر کان نڪتو.
ڪراچي جي حالات خراب ٿيڻ ۾ ڪابه دير نه لڳندي آھي...اچانڪ ڪراچي جي ٻن تنظيمن ۾ جهيڙو ٿي پيو..ان جهڙي ۾ تمام گهڻي فارنگ ٿي رھي هُئي
هر طرف دونھون ئي دونھون نظر اچي رھيو هو............

تيمور به ان فارنگ جي رش ۾ ڦاسي پيو تيمور نڪرڻ جي ڪوشش ئي اڃان مس ڪندو آھي ته

اچانڪ تيمور کي گولي لڳندي آھي ۽ تيمور موٽر سائيڪل تان هيٺ ڪرندو آھي....هڪ زوردار ڌماڪو ٿيندو آھي ڌماڪو ڪنهن بم جو نه هوندو آھي.....تيمور جي مٿو زور سان روڊ تي لڳندو آھي، شازيه جي هٿن تي لڳل مهندي جورنگ ڦڪو ٿي ويندو آھي
امڙ صدمو برداشت نه ڪري سگهندي آھي
تيمور جو موت تيمور جي سڄي خاندان جو موت بڻجي ويندو آھي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Wednesday, May 4, 2011

اســان جا خــيــال


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Tuesday, April 5, 2011

My dear Ali Solangi

منهنجو ننڍپڻ جو دوست ۽ ساٿي سئوٽ (ڪزن) علي ڏنو سولنگي.

جيڪو هن وقت پاڪستان جي آرمي ۾ آهي،،ڇوته هن کي ننڍي لاءِ کان فوجي ٿيڻ جو شوق هيو...اٺين ۾ اسان جُو سر هر هڪ کان سوال پڇي رهيو هيو ته اوهان وڏا ٿي ڇا ٿيندا...ان تي هن اُٿي بيهي پنهنجي سر کي جواب ڏنو هيو ته مان وڏو ٿي فوجي ٿيندس...ننڍي هوندو جو خواب ۽ شوق هن شادي ڪرڻ کان بعد نيٺ پورو ڪيو.

اڄ هن جي ياد پئي اچي....هن سان گڏ گذاريل ننڍپڻ جو شرارتون..مونکي جيئڻ جو سهارو ڏينديون آهن..مان هن کي پيار مان چريو چوندو آهيان..پر ڪڏهن هن مونکي ائين نه چيو ته تون مونکي چريو نه چوندو ڪر.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Friday, April 1, 2011

هڪ ته بيمار ٻيو ته گهر جو ڪم ڪار

هو ويچاري....هڪ ته بيمار ٻيو ته گهر جو ڪم ڪار

هُن جا ٻار جن جو تعداد درزن کان به مٿي آهي..هُن کي ڏاڍو تنگ ڪري رهيا هئا

مٿان ماني تيار ڪرڻ جو وقت به اچي وڃي ٿو...۽ مڙس جو ٻنيءَ تان موٽڻ جو به ٽائيم ٿي وڃي ٿو، مڙس هُن کي روب ۽ دبدبي جي مونڊ ۾ چئي ٿو سڪينه ماني ڏي....ويچاري سڪينه ۾ ته اها به همٿ نه آهي ته پنهنجي ور کي جواب ڏئي سگهي..سڪينه جي وڏي نياڻي پيءُ کي چئي ٿي بابا امان ماني نه پچائي آهي.....تڏهن سڪينه جي مڙس کي ڪاوڙ اچي ٿي...۽ ڪاوڙ ۾ سڪينه تي هڪ زوردار وار ڪوڏر جو ٿو ڪري ۽ سڪينه ويچاري اڳئي....ڪمزور جسم جي عورت جنهن ۾ رت ته موجود بلڪل نه هجڻ جي برابر هئي.....پٽ تي فتڪندي ساھ ڏئي ٿي...هي هڪ حقيقت آهي..سنڌي سڪينه جي..جيڪا پنهنجي ور جي هٿان شهيد ٿئي ٿي...اهڙيون روز ڪيتريون سڪينه روز اسان جي سنڌي پيپر جي مين صفي تي هونديون آهن

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Sunday, March 27, 2011

عورت جي محنت کي سلام

اڄ هڪ اهڙي پيءُ سان ملاقات ٿئي جيڪو پنهنجي ٻن ڌيئرن کي ڪمپني ۾ ڪم ڪرائڻ جي لاءِ روز اسٽاپ تي ڇڏي ايندو ۽ روز اسٽاو تان وٺي ايندو هيو.

مان ان ئي سوچ ۾ هيم ته آخر ان جهوني پيءُ سان ڪيئن ملاقات ڪريان،

۽ ڪيئن ان کان احوال وٺان....اڄ ساڳيء ريت هو پنهنجي ڌيئرن کي اسٽاپ تان وٺڻ آيو هيو پر ڪمپني جي گاڏيءَ دير ڪئي هُئي ۽ هي جهونو مڙس پريشان اُداس اسٽاپ تي بيٺو هيو.

مان به اڄ هڪ دوست سان ملڻ جي لاءِ گهران نڪتس ۽ مونکي به ان اسٽاپ تان ئي گاڏي ملڻي هُئي.

منهنجي نظر ان ڪُراڙي تي پئي...دل ۾ خيال آيو ۽ نظرون گهڙيءَ طرح ڏسڻ لڳيون مان سوچيس ته ڪُراڙو ته ڇوڪرين کي هن وقت کان اڳ ۾ ئي گهر وٺي ويندو آهي..اڄ هيئر تائين ڪُراڙو اسٽاپ تي ڪيئن.؟

مان آخر دل ٻڌي ان ڪراڙي جي قريب ويس ۽ ڪُراڙي کان پڇس نهايت ئي ادب سان جهوني سان مخاطب ٿيس دل ۾ ڊپ به هڪ عجيب محسوس ڪيم.

نوٽ چاچو اردو ڳالهائيدڙ هيو..مان تفصيلي احوال سنڌي ۾ ٿو لکان.

عاشق؛ توهان هيئر اسٽاپ تي ايڏا پريشان ڇو بيٺا اهيون.
چاچو؛ منهنجي ڌيئرن اڄ الائي ڇو دير ڪئي آهي.
عاشق؛ اوهان جو ڌيئرون ڪهڙي ڪمپني ۾ ڪم ڪنديون آهن..؟

چاچو؛ ڪينڊي لينڊ ۾.
عاشق؛ هڪ ڳالھ پڇان ناراض ته نه ٿيندا.؟

چاچو؛ پُڇو.؟

عاشق؛ اوهان پنهنجي نياڻين کي ڇو ٿا ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪرايو..ڪهڙي سبب جي ڪري..؟

چاچو؛ مونکي ڪو شوق نه آهي پنهنجي ڌيئرن کي ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪرائڻ جو...پر مجبوري آهي...منهنجون نياڻيون ڪمائي هڪ پوڙهو پيءُ ۽ هڪ پوڙهي ماءُ ۽ ٻن ننڍن ڀائرن کي پڙهائين ٿيون.

۽ مونکي فخر آهي پنهنجي نياڻين تي.

عاشق؛ اوهانکي فخر ڪهڙي ڳالھ جو آهي پنهنجي ڌيئرن تي.؟

چاچو؛ ڇا هيڏي پهاڙن جيڏي مسئلن سان منهنجو نياڻيون منهن ڏين ٿيون اهو ڪنهن فخر کان گهٽ آهي ڇا.؟

ايتري ۾ ڪمپني جي گاڏي اچي ٿي چاچو پنهنجي ڌيئرن کي گهر طرف وٺي ٿو وڃي....۽ منهنجي ذهن تي هڪ گهري سوچ ڪجھ رهيل سوال رهجي وڃن ٿا....هن سماج ۾ واقعي ۾ عورت اُها بهادر آهي جيڪا هزارين مسئلن سان منهن ڏئي ٻاهر ڪم ڪرڻ جي لاء نڪري ٿي...ڪا عورت پنهنجي ٻاهر جو پيٽ گذر ڪرڻ جي لاء ته ڪا عورت پنهنجي پوڙي پيءُ ماءُ ۽ ننڍن ڀائرن ڀينرن جو پيٽ پالڻ جي لاءِ ته ڪا عورت پنهنجي بد افعال مڙس جي بد فعل جي ڪارڻ پنهنجي ٻارن جو مستقبل سواري جي لاءِ دل وجان سان محنت ڪري ٿي.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تنهنجي دوستيءَ جي ناءُِ

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Friday, March 25, 2011

غريب نه ڄائو چڱو نه مُئو چڱو.


غريب نه ڄائو چڱو نه مُئو چڱو.

مون ڏٺو آهي ۽ اها حقيقت به آهي ته غريب هميشه خُددار ٿيندو آهي.

اسان جي سماج ۾ غريب کي ڇا ٿو سمجهو وڃي، ڪهڙي نگاھ سان ڏٺو ٿو وڃي....اُهو ڪنهن کان لڪيل يا ڳُهجو نه آهي.

غريب پورهيت جيڪڏهن اسان جي معاشري ۾ نه هجي ته تقريبن اسان جي معاشري جو سڄو ڪم ٺپ ٿي وڃي.

ڪيئن ٺپ ٿي ويندو.؟

ان جو وڏو مثال اوهان جي سامهون آهي...غريب هاري.

اسان جي سنڌ ۾ جيترا ظلم غريب سنڌين سان ٿيا آهن...اُهي شايد ئي ٻئي ڪنهن هنڌ ٿيا هجن يا ٿيندا هجن.

غريب سان ٿيل ظلم جو ڪو به اسان وٺ انگ اکر نه آهي.

اسان جي سنڌ اڳئي پوئتي...پر ان کان به وڌيڪ رکيو ويو آهي..اسان جي غريب سنڌين کي...آخر ڇو.؟

سياڻن جو پهاڪو آهي، مک هميشه سڻڀ تي ويندي آهي، اهڙي طرح اسان جو شاھي اميري تبقو....سڻڀ جي ڪڍ آهي...ان کي آس پاس ۾..غريب اڻڀا ٿا لڳن.

اوهان ڏٺو هوندو ته اميرن جي درٻارن ۾ اميرن جي ڪيتري عزت هوندي آهي، اميرن جا يار به امير ۽ امير ئي هڪ ٻئي کي هٿي ڏئي اڳتي آڻندا آهن...۽ ساڳئي ريت غريب کي پوئتي ڪندا آهن.

غريب اڪثر ڪٿي ڪٿي..احساس ڪمتري جو شڪار پڻ ٿئي ٿو.

اسان کي گهرجي ته اسان غريب پوئتي پيل هارين مزدورن

عام غريب عوام جي لاءِ ڪجھ سوچيون.

جيئن اسد چيو

امير سان ٿو جهڪي ملين
غريب کي ٿو خراب سمجهين

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Thursday, March 24, 2011

ڇڙ وڇڙ ڳالهيون











مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Tuesday, March 22, 2011

عاشقن جون نينڊون حرام


عاشقن جون نينڊون حرام ڪير ڪندا آهن..؟؟

محبوب معشوق.

پر هتي ڪجھ حالت ئي ٻئي آهي.

مونکي سنڌ سان ٿيندڙ نا انصافين ۽ سنڌي ماڻهن جي لاچاري بي وسي ڏسي ۽ ان جي ياد سمهڻ ڪون ڏئي ٿي.

ڪڏهن ڪڏهن برداشت کان ٻاهر ٿيو وڃي.

قوم پرستن تي تنقيد مولوي حضرات تي تنقيد سماجي ادارن تي تنقيد، اسان کي ٻين تي آڱريون کڻڻ ته تمام سوليون ٿيون لڳن پر اسان پاڻ ڇا آهيون...۽ ڇا ٿا ڪريون.

اهو اسان ڪڏهن به نه سوچيو آهي.

اسان هميشه انهن جا نارا هڻندا آهيون جيڪي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ وڙهندي وڙهندي مري ويا.

مر ويسون پر سنڌ نه ڏيسون

ڇا اسان انهن جي چيل ڳالهين تي ڪڏهن عمل ڪيو آهي.؟؟

انهن جي نقشي قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.؟؟

نه نه بلڪل نه اسان ذات پرستي مذهب پرستي ۾ ورهائجي...هڪ ٻئي کان سخت نفرت ڪريون ٿا.

هر روز سنڌ جي نياڻي....هتان جي جاهل رسمن جي آڙ جو شڪار ٿئي ٿي.

هر روز سنڌ جي جهولي ۾ غريب سنڌين جا لاش اُڇلايا وڃن ٿا.

آخر ڪيستائين.؟؟

آخر ڪڏهن اسان جهالت جي اوني سمنڊ مان گهوتو کائي نڪرانداسين.؟؟

آخر ڪڏهن اسان پنهنجن کي سڃاڻينداسين.؟؟

آخر ڪڏهن اسان پنهنجن سان سچا ٿينداسين.؟؟

آخر ڪڏهن اسان پنهنجن حقن وٺڻ جي لاءِ سندرو ٻڌنداسين.؟؟

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سياست ڪڏهن مذهب ته ڪڏهن قوم

هڪڙي دفعي جي ڳالھ سابه سچي

هڪ رات اسان چار دوست اونهاري جي گرميء ۾ لائيٽ نه هجڻ جي ڪري ڳوٺ وڏي اوطاق جي وڏي ميدان ۾ کٽ وجهي ويٺا هئاسين ڳالهيون ڪندا رهياسين..ڪڏهن سياست ڪڏهن مذهب ته ڪڏهن قوم پرست....ته وري ڪڏهن سنڌ ۾ ٿيندڙ ڀتاخوري...سنڌ ۾ ٿيندڙ مينهن جي چوري......جڏهن اسان جي ڳالهين جو عنوان چوريء تي آيو ته...هڪ دوست چيو يار ڪجھ ڏينهن جي ڳالھ آهي..مان ۽ مُنو ان رات.....ڪاڪي تاجل واري مڇيء جي تلاء تان چوري مڇي ماري آياسين....هتي هڪ دوست رياض چوڻ لڳو...اڙي مڇي ماري ڪاڏي ڪيو.......مُنو مڇي کپائي....سين سج نڪرڻ کان اڳ ساڍن ستن سون جي ٿي.....اڄ به اسان جو مونڊ آهي...مولو جي تلاء تان مڇي مارڻ جو....ته مونکي رياض چوڻ لڳو..عاشو ڇا پروگرام آهي.....ته مان کلڻ لڳس.....اڙي ڇورا پڪڙجي پيون ۽ گهر وارن کي خبر پئي ته....؟؟

مُنو اڙي عاشو دل ٻڌ پُٽ ڪجھ ئي نه ٿيندو ڙي....مولو...نينڊ جو گڏھ آهي...اصلي خبر ئي نه پوندس....ٻيو ته هو رات جو ٻارهين کان بعد ۾ ٿو اچي...اسان يارهين کان اڳ ئي مڇي ماري ٿا اچون........اتي مونکي دل ۾ خيال آيو...جيڪڏهن پڪڙجي پياسين...۽ بابا کي خبر پئي ته پادرن ۾ صفا مري وينداسين....خير دوستن جون ٽيڪرن ۽ دل جاين مونکي....نيٺ تيار ڪيو...اسان هڪ ٻئي سان ڊاڙون هڻندا....هڻندا..نيٺ تلاء تي وڃي پهتاسين....اُتي هيڏي هوڏي نظر ڦيرائين سين ته ڪاري وارا ڪک ۽ گدڙن جو ڪُو ڪُو لڳي پئي هُئي....اسان جلدي ۾ ڪپڙا چينج ڪري پوتڙا...ٻڌاسين ۽ کڏ ۾ ڄار سميت لهي پياسين....منهنجي خيال ۾ اسان ڪلاڪ کن ۾ ٽيھ ڪلا مڇي ماري سين....مڇي ماري اسان جلدي ۾ نڪتاسين.....سڀ ڪو وٺ پڪڙ ۾...هر ڪنهن پنهنجا پنهنجا ڪپڙا پاتا....مون به جلدي ۾ ڪپڙا پاتا....ڪپڙا پائي...مون چپل....ڏي خيال ڪيو ته چپل..لڀي ئي ڪون پئي...مون چيو مُنو کي اڙي منهنجي چپل ڪاڏي وئي...چيائين اڙي اتي هوندئي...ڏس خيال سان انڌا....مون وري به هيڏي هوڏي ڏٺو..چپل نظر نه آئي.....مان پريشان ٿي ويس....ته ڀيهان چپل ڪاڏي وئي...هاڻي مان چپل کان بغير گهر ڪيئن ويندس....آخر مان به دوستن سان گڏ...بغير چپل جي...روانو ٿي ويس....۽ دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳس..ته منهنجي چپل وئي ڪاڏي.......!!!

ڪجھ پنڌ اڳتي هلياسين...ته هڪ دوست چوڻ لڳو اڙي عاشو..تون چپل گهڻي ۾ ورتي هُئي...مون چيو ڙي...چپل ته مون پنجن سون ۾ ورتي هُئي.

هتي ٻيو دوست چوڻ لڳو...يار کڏ تي ڪوئا به ڏاڍا آهن لڳي ٿو تنهنجي چپل ڪوئا يا گدڙ کڻي ويا.

ان ڏينهن کان مون اهو پڪو پھ ڪري ڇڏيو ته..عاشق کائبو ته محنت ڪري کائبو نه ته بُک تي ڀلا آهيون.....چوري اسان کي فائدو نه پر نقصان ڏيندي......حرام حرامي کي ئي لڳندو آهي...ماري جي گهر ۾ هٽن جو ڍير...سچ ته مون انهن دوستن سان اڄ ڏينهن تائين نه ڳالهايو آهي...اڇو ٻڌ ڪاري سان رنگ ته نه مٽائيندو پر عادت ضرور مٽائيندو....ڇني ڪُتن وانگر کائڻ ۾ مزو نه آهي.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

منهنجي دل چوندي آهي





منهنجي دل چوندي آهي.

سنڌ هڪ الڳ مُلڪ هجي، جتي صرف سنڌي آباد هجن.

سنڌي سڀ هڪ ٻئي سان سڳن ڀائرن جيان هلن ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪن.

امن محبت اُخوت ڀائپي سان مالامال هجن.

هر طرف سنڌين جي گلن وانگر مهڪڻ جي مهڪ هجي…روز سنڌين جا ميلا مچل هجن…جيئن احمد مغل جو هڪ ڪلا آهي.

سنڌين جا هي ميلا

اسان سنڌين ۾ ٻيو ڪجھ به نه هجي….مذهب پارٽيون وغيره

صرف..قوميت قوم پيار محبت هجي.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Sarmad Sindhi




مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Monday, March 14, 2011

ڀلائي ڪرڻ جو دور ويو گذري

ڀلائي ڪرڻ جو دور ويو گذري...يا ڪجھ ٻيو ئي سبب آهي

رات مان تقريبن هڪ بجين....گهر طرف پنڌ وڃي رهيو هيس..ته هڪ ڪار واري اڳيان بريڪ ڏئي چيو ته اوهانکي ڪيستائين وڃڻو آهي...مان حيران ٿي ويس ته ڪار واري کي ڇا ٿي ويو آ....منهنجي دل ۾ خيال آيو ته همراھ ڪو ڦورو وغيره آهي

ڪجھ خراب ماڻهن جي ڪري...اسانکي هر ماڻهو خراب ٿو لڳي....جيئن گاڏي ۾ ويندي هڪ جهوني کي مون پنهنجي سيٽ تي پاڻ سان گڏ ويهڻ جي لاءِ چيو ته جهوني خراب منهن ڪري مونڏي ڏٺو....شايد جهوني سمجهو ڇوڪرو بيشني آهي....هل چڱائي جو وقت نه رهيو آهي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Saturday, March 12, 2011

اسان سنڌي آهيون

اسان سنڌي آهيون

اسان سنڌي آهيون ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي

پر ٿورو غور

اسان سنڌي هجڻ سان گڏ ٻيو گهڻو ڪجھ به آهيون

اسان سنڌي هجڻ سان گڏ سولنگي به آهيون

اسان سنڌي هجڻ سان گڏ مسلمان به آهيون

اسان سنڌي هجڻ سان گڏ شيعه يا سني ديوبندي وغيره به آهيون

جيڪڏهن ڳالھ ذات تي ايندي ته به اسان سنڌي هڪ ٻئي سان وڙهنداسين....تون سولنگي مان سومرو

جيڪڏهن ڳالھ مذهب تي ايندي ته به اسان پاڻ ۾ وڙهنداسين.... تون هندو مان مسلمان

جيڪڏهن ڳالھ فرقي يا عقيدي تي ايندي ته به اسان پاڻ ۾ وڙهنداسين.... تون شيعو مان سني

اسان سنڌين جي وڙهڻ جو فائدو ڪنهن کي ٿو رسي...ڪڏهن ان تي به ته سوچيو.؟؟

سنڌ معدنيات ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال..اُتي هڪ نظر اوهان ڪڏهن سنڌين تي ڦيرايو....ته سنڌين جي حالت ڇا آهي...؟؟

اسان آهيون ته سنڌي ۽ اسان جي اصل ثقافت ڇا آهي....اسان جا ابا ڏاڍا ڇا هُئا...۽ ڇا ڪري ويا....اسان ان جي شايد ابتڙ هلي رهيا آهيون

اسان سنڌين جا عقيدا نظريا الڳ الڳ ۽ جاهل قومن وارا آهن...معزرت سان

ڪري مرد لوڙي عورت

وارو قصو لڳو پيو آهي

اسان ۾ جيتري ذات پرستي آهي....اوتري قوم پرستي نه آهي.

اسان پنهنجي نياڻي ڪنهن به ٻئي ذات ۾ ڏيڻ پسند نه ڪندا آهيون

اسان پنهنجي پُٽ کي ڪنهن به ٻئي ذات مان شادي ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا آهيون

ڇو ته هو عباسي آهي ۽ اسان سومرا آهيون...اسان ڪڏهن به ذات پرستي کان هٽي ڪري نه سوچيو آهي... ذات پرستي جو وڏي ۾ وڏو نقصان سنڌ ۾ هلندڙ قبيلائي جهڙا هڪ وڏو مثال آهي...جيڪڏهن اسان ۾ قوم پرستي هجي ته ائين ٿيڻ نا ممڪن آهي.

سو خدارا ذات پرستي کان هٽي ڪري اگر اوهان قوم پرستي جي سوچ رکندا ته اسان سنڌي آهيون...ذات صرف سڃاڻپ جي لاءِ آهي..باقي تون ۽ مان صرف سنڌي آهيون...اول آخر
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Youtube tips


دوستو..! جيئي سنڌ

اسان جا سنڌي دنيا ۾ ڪنهن کان به گهٽ نه آهي

نون نيٽ يوزرن جي لاءِ جيڪي وڊيو گانا ٻڌڻ ۽ سرچ ڪرڻ جي لاءِ يوٽوب يوز ڪندا آهن انهن جي لاءِ هي..ٽپ...دوستو اوهان اڪثر يوٽوب تي وڃي انگلش ۾ لکندا آهيون نيو سنڌي سونگ پر يوٽوپ اوهانکي اُهو ئي پراڻو رزلٽ ڏيندي آهي...جيئن اوهان مثال طور ڪنهن سنڌي فنڪار جو يا وري ڪا انڊين نئين فلم جو گانو ڳولڻ ٿا چاهيو ته اوهان ظاهري ڳالھ آهي....نيو انڊين سونگ وغيره ئي سرچ ڪندا....اُهو ان جي ڪري ته اوهانکي مون وانگر اها خبر نه آهي ته انڊيا جي نئين فلم ڪهڙي آئي آهي ۽ ان جا گانا ڪهڙا آهن...ته دوستو اوهان يوٽوب ۾ انڊين نيو سونگ لکي يا وري ڪجھ به ڪابه شيءِ نيو....فني ڪلپس وغيره لکي ڪري...مٿين اسڪرين شاٽ کي ڏسندا...مان اهو يقين سان چوان ٿو ته هن ٽپ مان نون دوستن کي فائدو رسيو هوندو...جيڪڏهن اڃان به اوهانکي ڳالھ سهي نموني نه سمجه ۾ آئي آهي...ته عاشق ويٺو آهي....جيڪڏهن سمجه ۾ اچي وئي ته واھ واھ

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Thursday, March 10, 2011

Sindhi Funny

عاشق سولنگي

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Saturday, March 5, 2011

net friends

اڄ ڪل فــيس بوڪ يــا ڪنهن به سوشل نيٽ ويب جا دوســـت آهن.

اُهــي مطلبي مُفادي يا ڪوڙا هرگز نه آهن..

پر مون جيڪا ڳالھ نوٽ ڪئي آهي اُها هي آهي ته اگر اوهان انهن سان متفق يا اوهان انهن جي ڪنهن به پارٽي سان واسطو رکو ٿا ته اُهي اوهان جي هر ڳالھ تي انڌو يقين ڪندا..پوءِ ڀلي اوهان جي ڳالھ سهي هجي يا نه…اصل ۾ اهو عمل…اسانکي گهڻين ڳالهين کان محروم رکي ٿو..ان سان گڏ اسان جي سکڻ جي سگھ کي به نقصان رسائي ٿو.

منهنجي نظر ۾ نيٽ فرينڊ هجي يا عام رواجي زندگي…جو دوست…ٻئي برابر آهن.

دوست ته دوست ٿيندو آهي….پوءِ ان جو واسطو ڪنهن به مذهبي گروھ سان هجي…يا ڪنهن به سياسي سماجي پارٽي سان هجي.

بس..دوستو پنهنجي دلين مان نفرت ڪڍي اُتي محبت جا ٻوٽا پوکيو.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

جنازي نماز پڙهائڻ جا پنج سئو

هڪ غريب جو پيءُ...وفات ڪري ويو....غريب وٽ ڪفن جا پيسا ڪون هئا...چوندا آهن ته جنهن کي دوست آهن اُهو غريب نه آهي.....هي همراھ به هُيو ته غريب پر هن جو هڪ دوست پاڻ جهڙو غريب هيو..ڇوته غريبن جا يار به غريب...اُهو همراھ جنهن جو پيءُ وفات ڪري ويو هو..هڪ ته ان کي پنهنجي والد جي وفات جو ڏک ۽ بيو وري توبه والد جي ڪفن ڪٿان اچي اُها پريشاني....پريشاني ۽ ڏکئي وقت ۾ ظاهري ڳالھ آهي...سڄڻ دوست ئي ڪم ايندا آهن

سو هن غريب کي پنهنجو غريب دوست ياد اچي ويو....هي ويچارو مجبوري جي حالت ۾ اُن دوست ڏانهن ويو.

غريب پنهنجي دوست کي سڄي حقيقت ڪئي، پوءِ ان جي دوست ان غريب کي ڪجھ ڏوڪڙ صرف ڪفن جا ڏنا...ڪفن به ٿي ويو...خاص ڳالھ بچي ميٿ کي تڙ ڏيارڻ جي ۽ جنازي نماز پڙهائڻ جي..ڳوٺ جي مسجد جي پيش امام ڏانهن ويا ته مسجد جي پيش امام...جنازي نماز پڙهائڻ جا پنج سئو چيا..هاڻي جنهن غريب وٽ هڪ سئو نه آهي ڪفن جو اُهو پنج سئو ڪٿان ڏئي.؟؟؟

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ماڻهو انڌا هوندا آهن

مونکي ياد نه ٿو اچي ته هي ڳالھ مونکي ڪنهن ٻڌائي هُئي....اڪثر منهنجيون ننڍي هوندي کان ڪچهريون...هڪ صوفي ۽ سُگهڙ مڙس...سان ٿيندو هيون...لائق فقير..جنهن جو تعلق اسان جي ڳوٺ سان هُيو ۽ هو ذات جو پڻ سولنگي هُيو اهو مونسان جڏهن به ويهندو هُيو ته....مونکي پُراڻا قصا ۽ پراڻيون بادشاھن جو ڪهاڻيون ٻڌائيندو هُيو.....ان کي وفات ڪئي منهنجي خيال ۾ ته ڇھ سال کن ٿيا آهن...الله سائين انهن کي جنت ۾ جاءِ ڏي........هڪڙي ڀيري انهن مونکي هي قصو ٻڌايو...منهنجي ذهن ۾ هو قصو لکجي ويو

(ڪنهن ملڪ جي بادشاھ پنهنجي وزير کان پنهنجي رئيت جي باري ۾ حال احوال پڇندي...وزير کان هڪ سوال پڇيو....بادشاھ وزير کان پڇيو ته منهنجي بادشاھي يا منهنجي شهر جي ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ ڪيترا سڄا آهن ۽ ڪيترا انڌا آهن..مطلب ڪيترن کي نظر پئي ٿي ۽ ڪيترن کي نظر ڪان ٿي پئي....وزير اچرج ۾ پئجي ويو....ته بادشاھ اڄ عجيب سوال ڪيو آهي...جڏهن ته بادشاھ کي اها به خبر آهي ته...ڀر واري مسجد ۾ هڪ انڌو آهي...۽ هڪ ٻه پينو فقير انڌا آهن..ڪُل ملائي حساب ڪر ته پنج يا ڇھ انڌا ٿيندا....بادشاھ کي اها خبر آهي..وزير به سياڻو هيو...ڪجھ سوچ ويچار کان بعد...ان بادشاھ کان هڪ ڏينهن جي مُهلت ورتي.....۽ پنهنجي گهر ڏانھ روانو ٿي ويو.....سوچ ۽ ويچار کان بعد...وزير گهران هڪ واڻ جي نوڙي جيڪا وٺبي آهي....کئين...۽ پنهنجي وڏي پٽ کي وٺي..شهر جي چوراهي تي اچي ويٺو...۽ پيو ان نوڙي کي ٽوڪڙا ٽوڪڙا ڪري....واٽ ويندڙ هڪ شخص وزير کان پڇيو ته اي وزير ڇا پيو ڪرين....ته وزير پنهنجي پُٽ کي چيو ته لکيس نالو انڌن جي لسٽ ۾....ائين ڪندي وري اُتان ٻيو شخص گذريو..ان به ساڳيو ئي سوال وزير کان پڇيو.....وري وزير پنهنجي پُٽ کي چيو لکيس انڌن جي لسٽ ۾ نالو.......انت تقريبن اڌ شهر جا نالا....هُن پنهنجي بوڪ تي لکيا.....۽ بادشاھ وٽ حاضر ٿيو.....انڌن جي لسٽ کڻي)

چوڻ جو مقصد ته ڇا واقعي ۾ ماڻهو انڌا هوندا آهن جو..ڪوبه ڪم ڪندي ڏسندا آهن ته به پُڇندا آهن ته ڇا پيو ڪرين...؟؟

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Friday, March 4, 2011

سائين جي ايم سيد

سائين جي ايم سيد

حقيقت هي آهي ته مون سائين جي ايم سيد کي سهي نموني پڙهيو ۽ سمجهيو ئي نه آهي، پر سائين جن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ هر سنڌي کي گهرجي.

پنهنجي به اها ئي ڪوشش آهي ته سائين جي ايم سيد کي پڙهجي ۽ ان جي ڳالهين تي عمل ڪجي.

ڪل سنڌي ظفر پنهنجي بلاگ ۾

جيئمسٽ

جو ذڪر ڪيو

هتي ڪلڪ ڪجو

مان هن وقت تائين ڪا به قومي تحريڪ جوائن نه ڪئي، ۽ ها ان جو مقصد اهوبه نه آهي ته مان ڪنهن به قومي تحريڪ کان نفرت ڪيان ٿو،

ڪنهن به قومي تحريڪ جوائن نه ڪرڻ جا سبب ڪنهن به دفعي ضرور بيان ڪبا..ماشاء الله

وقت انــسان کي گهڻو ڪجھ سيــکاريندو آهي....پر ماڻهو ۾ سکڻ جو جزبو هجي ته......هڪ ڳالھ ته معاف ڪندا مونکي لکڻ ۽ ڳالهائڻ بلڪل به نه ايندو آهي....ڪا غلطي ٿي هجي ته مــعــاف ڪندا....مهرباني

هيئر ٽائيم رات جو 1 ٿيو آهي...پاڻ کي نينڊ ڪرڻ گهرجي.......ٿورائتو.

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>